اسلام آباد(حماد حسن) پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ جي آڙ ۾ ڇا ھڪ سياسي ڌر ۽ فوج وچ ۾ جھيڙي جو منصوبو ھيو؟ ھڪ خبر اھا آهي تھ پاڪستان کان ٻاھر عمران خان جي قتل جو منصوبو جوڙيو ويو ھيو ان جي لاءِ ھڪ مخصوص ماحول جوڙيو پئي ويو.اھو منصوبو ان لاءِ جوڙيوويو تھ عمران جي مقبوليت تمام گھڻي ھئي ان حرڪت سان عوام جي ھڪ ڌڙي ۽ فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي وڃي.پھلگام واقعي وقت مودي سعودي عرب جي دوري تي ھيو ان جي ترت واپسي کان بھ اڳ ان واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو ويو ھيو ان جي ميڊيا بھ پاڪستان تي ھلان ڪري رھي ھئي.مودي اجيت ڊوول سان ملاقات بعد پاڪستاني رياست تي الزام لڳايو.ان کي قومي بيانيو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پاڪستان ھوشياري سان جواب ڏنو تھ اچي ان جي اڻ ڌري جاچ ڪرايو جنھن تي ڀارت ان ڳالھھ تان ڀڄي ويو.ان واقعي جي پلاننگ افغانستان ۾ ٿي ھئي ۽ اتي انڊين اچي ويھي رھيا ھئا ان دوران پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪرائي پئي وئي. انڊين بيانيي کي ڀڳوڙن يو ٽيوبرز بھ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو منصوبي تي ٻن طرفن کان ڪم ٿي رھيو ھيو ھڪ تھ اڊيالا جيل اندر عمران خان کي نقصان پھچايو وڃي اھو نقصان انتھائي خطرناڪ حد تائين ھيو ، ڪنھن ايجنٽ وسيلي ان تي حملو ڪرايو وڃي. ٻيو اڊيالا جيل تي ڊرون حملو ڪيو وڃي خاص ان ھنڌ تي جتي عمران خان آھي. ان رٿابندي بابت ڳجھن ادارن کي اطلاع ملي وئي ھئي ۽ پوءِ عمران خان کي ھڪ مخصوص وقت تائين اڊيالا مان ڪڍيو ويو ھيو ۽ سيڪيورٽي سبب ان کي ٻئي ھنڌ رکيو ويو ھيو. اھو منصوبو مڪمل ناڪام ٿي ويو. ھاڻي ان ڊرامي تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ مودي جي تقرير ۽ عمران جي پٽن جا بيان سامھون اچن پيا