لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي لڳاتار بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود کي قيادت تان هٽائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جڏهن ته موجوده نائب ڪپتان سعود شڪيل کي قيادت سونپڻ تي غور ويچار جاري آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جلد ئي ڪپتان بدلائڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو ۽ ان حوالي سان سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر به سامهون آئي هئي ته مصباح الحق کي ٽيسٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو، پر پي سي بي اڃا تائين ان جي باضابطا تصديق ناهي ڪئي.
شان مسعود جي ڪپتاني وارو دور
شان مسعود کي نومبر 2023ع ۾ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو، پر سندن قيادت هيٺ ٽيم ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي.
شان مسعود جي ڪپتاني ۾ پاڪستاني ٽيم ڏينهون ڏينهن ڪارڪردگي ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي وئي، خاص طور تي هوم گرائونڊ تي بنگلاديش خلاف بدترين شڪست کانپوءِ سندس قيادت تي سوال اُٿڻ لڳا هئا.
شان جي ڪپتانيءَ ۾ پاڪستان 12 ٽيسٽ ميچن مان رڳو 3 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته 9 ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو..
ان کانسواءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023-25 ۾ به پاڪستان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، جتي ٽيم نائين نمبر تي رهي.
شان مسعود جي غير اثرائتي حڪمت عملي ۽ لڳاتار خراب نتيجن سبب سليڪٽرن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.