مراد علي شاهه جو ڀارتي حملن ۾ شهيدن جي وارثن کي هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن وارثن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هر شهيد جي خاندان کي هڪ ڪروڙ رپيا، جڏهن ته هر زخمي کي ڏهه، ڏهه لک رپيا ڏنا ويندا.
هن چيو ته پهلگام واقعو سوچيل سمجهيل سازش هئي، ڀارت رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪري بيگناهه شهرين کي شهيد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف سڄي قوم هڪ ڀت وانگر مضبوط ٿي بيٺي، ڀارت رافيل جهاز ته وٺي آيو پر هلائڻ وارا (پائلٽ) نه اٿس.
مراد علي شاهه چيو پاڪ فوج ثابت ڪيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ ڪنهن به دشمن خراب نيت سان اک کڻي ڏٺو تي اُن جون اکيون ڪڍي ڇڏيندي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته درياهه ۾ پاڻي وهندو يا مودي جو رت.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.