بنگلاديشي ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي اجازت ملي يا نه؟ بي سي بي ٻڌائي ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش حڪومت طرفان پنهنجي ٽيم کي پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي اجازت ڏيڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رٿيل پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز لاءِ نئون تجويز ڪيل شيڊيول به سامهون آيو آهي.
بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته کين پاڪستان خلاف شيڊيول سيريز بابت حڪومت کان هاڪاري اشارا مليا آهن ۽ جلد باضابطا منظوري ملڻ جي اميد آهي.
بي سي بي موجب، حڪومت پاڪستان جي دوري بابت گهڻي ڀاڱي راضي آهي، رڳو رسمي ڪارروائي باقي آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز رٿيل آهي، جنهن بابت جلد حتمي شيڊيول جاري ڪيو ويندو.
ان کان اڳ بي سي بي پنهنجن رانديگرن کي پاڪستان دوري بابت دستاويزي تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران سيريز لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان سيريز جي پهرين ميچ 27 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻه ميچون فيصل آباد ۽ آخري ٻه ميچون وري لاهور ۾ رکڻ جي تجويز جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ياد رهي ته بنگلاديش جي ٽيم 14 مئي تي گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪندي، جتي شارجا ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 17 ۽ 19 مئي تي ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊيول.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي حڪومت طرفان ان سيريز کانپوءِ ئي پاڪستان دوري بابت امڪاني منظوري ڏني ويندي.
پي ايس ايل جي ري شيڊيولنگ کانپوءِ هاڻ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اهم سيريز لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ لڳو آهي، جنهن جو باضابطا اعلان جلد متوقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.