اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي بيٽر روسي وين ڊر ڊوسن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي رهيل ميچن لاءِ اسلام آباد يونائيٽڊ کي پنهنجي دستيابي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
روسي ڊوسن ان کان اڳ ڊرافٽ ۾ چونڊ جڻ باوجود ذاتي سببن جي ڪري ليگ تان هٿ کڻي ويو هو، پر هاڻي هن ٻيهر ٽورنامينٽ ۾ واپسي جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد يونائيٽڊ جي ترجمان موجب، ڊوسن جي واپسي سان ٽيم کي مضبوط سهارو ملندو، هو هڪ ورلڊ ڪلاس بيٽر آهي ۽ سندس موجودگي سان ليگ جي رونق ٻيڻي ٿي ويندي.
ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽڊ، ايلڪس هيلز جي پڻ پي ايس ايل 10 جي باقي ميچن ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ليگ کي عارضي طور معطل ڪيو ويو هو، پر جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پي ايس ايل جون رهيل ميچون 17 مئي کان ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن، ميگا ايونٽ جون باقي ميچون لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ کيڏيون وينديون.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي ڏهين سيزن جو فائنل فائنل 25 مئي تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پي ايس ايل پرستارن لاءِ وڏي خوشخبري، اهم ڏکڻ آفريڪي بيٽر رهيل ميچن لاءِ دستيابي ظاهر ڪري ڇڏي
You might also like