ڪراچي ۾ ٻن عالمن کي قاتل ڪندڙ جوابدار کي 4 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻن عالمن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي 4 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏنو ويو.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت گلشن اقبال ۾ ٻن عالمن جي قتل جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار سيد محسن عرف طلحه عرف پاگل کي 4 ڀيرا موت جي سزا ۽ زين العابدين عرف سني کي 4 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
ٻنهي جوابدارن تي غير قانوني هٿيار رکڻ تي 5-5 سال قيد ۽ 50-50 هزار رپيا ڏنڊ به وڌو ويو.
جوابدارن تي مفتي غلام اڪبر ۽ مفتي ڪامران حسين کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته عدالت سيد عباس حسين عرف عاشر ۽ عباس جعفري کي بري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.