سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف حصن جيان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين گرمي جي شديد لهر (هيٽ ويو) جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب فضائي دٻاءَ وڌڻ سبب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي، جتي پارو معمول کان 5 کان 7 درجا سينٽي گريڊ مٿي وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته دادو، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ امڪان آهي.
ان کانسواءِ بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ به گرمي معمول کان 3 کان 5 درجا وڌيڪ رهي سگهي ٿي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ هيٽ ويو جو امڪان ته ناهي، پر موسم گرم ۽ گهميل رهڻ رهندي.
ان دوران شهر جو پارو 35 کان 37 درجا سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته فضا ۾ گهم جي شرح وڌڻ سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي.
موسميات کاتي عوام کي صلاح ڏني آهي ته هو غير ضروري طور سج جي سڌي روشني کان بچن، گهڻو پاڻي واپرائن ۽ خاص طور ٻارن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن جو خيال رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.