اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف آف جنرل اسٽاف، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي قيادتن عالمي دٻاءُ هيٺ جنگبنديءَ جو فيصلو ڪيو، جيڪو جرئتمنداڻو پر ڏکيو قدم هو.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي جنرل (ر) محمد سعيد ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فوجي ڇڪتاڻ مختصر پر وڏي پيماني تي پکڙيل هو، جنهن دوران لڳ ڀڳ 3 هزار ڪلوميٽرن تي ميزائل حملا ۽ گولا باري ٿي، جنهن ۾ گلگت بلتستان، لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) ۽ عالمي سرحدون پڻ شامل هيون.
هن چيو ته سيز فائر کانپوءِ 24 کان 36 ڪلاڪن اندر ٻنهي ملڪن جي فوجن اثرائتي جنگبندي تي عملدرآمد ڪيو، پر گذريل 78 سالن دوران ڪيئي جنگبنديون، پر ڪشمير مسئلي جي حل نه ٿيڻ سبب پائيدار نه رهيون.
اڳوڻي جنرل چيو ته گڏيل قومن 1948ع ۾ ڪشمير کي عالمي تڪراري علائقو قرار ڏنو هو، جيستائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو تيستائين ڪنهن به سيز فائر جو فائدو نه ٿيندو .
محمد سعيد ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ڀارت غلط دعويٰ ڪئي ته هن دهشتگردن جي ڪئمپن کي نشانو بڻايا، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڀارت جي بمباري سبب مسجدون، عام شهري، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جاچ لاءِ ثبوت جي صورت ۾ ڀارت سان سهڪار جو واعدو ڪيو، پر ڀارت نه ته پاڪستان کي ۽ نه ئي ڪنهن عالمي ادارن کي اڃا تائين ڪي ثبوت ڏنا آهن.
هن چيو ته جاچ هلندڙ هجي ته بنا نتيجن جي حملا ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل ياد ڏياريو ته ڀارت ماضيءَ ۾ به پٺاڻ ڪوٽ، اُڙي ۽ ممبئي حملن تي رڳو الزام مڙهيا، پر شفاف جاچ نه ڪرائي، هاڻي به ڀارت جي پاڪستان ۾ ”دهشتگرد اڏا تباهه ڪرڻ“ جي دعويٰ غلط آهي، عالمي ميڊيا کي پاڻ اچي زميني حقيقتون ڏسڻ گهرجن.
پاڪستان ۽ ڀارت جنگبندي تي ڪيئن راضي ٿيا؟ اڳوڻي پاڪستاني جنرل اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي
You might also like