آءِ سي سي جو ” ڊبليو ٽي سي “ فائنل لاءِ جهجهي انعامي رقم جو اعلان، پاڪستان کي به آسرو

دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ جهجهي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل ميچ 11 جون تي تاريخي ميدان لارڊز ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ڊبليو ٽي سي جي فاتح ٽيم کي 3.6 ملين ڊالر ملندا، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 2.16 ملين ڊالر ڏنا ويندا، جيڪا گذريل ٻنهي ڊبليو ٽي سي فائنل کان ٻيڻي آهي، اڳوڻن ايڊشنز ۾ فاتح ٽيم کي 1.6 ملين ۽ رنر اپ کي 8 لک ڊالر ڏنا ويندا هئا.
آءِ سي سي طرفان ٽورنامينٽ جي ڪل انعامي رقم 5.76 ملين ڊالر رکي وئي آهي، 30 ڏينهن جي ڪائونٽ ڊائون مهم سان گڏ فائنل جي پروموشنل وڊيو پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪجي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان آخري يعني نائين نمبر تي رهيو، جنهن سبب قومي ٽيم کي 4 لک 80 هزار ڊالر انعام طور ملندا.
ٻين ٽيمون هيٺين ترتيب سان انعام حاصل ڪنديون:
ڀارت (ٽئين نمبر): 14 لک 40 هزار ڊالر
نيوزيلينڊ (چوٿين نمبر): 12 لک ڊالر
انگلينڊ (پنجين نمبر): 9 لک 60 هزار ڊالر
سريلنڪا (ڇهين نمبر): 8 لک 40 هزار ڊالر
بنگلاديش (ستين نمبر): 7 لک 20 هزار ڊالر
ويسٽ انڊيز (اٺين نمبر): 6 لک ڊالر

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.