نوجوان ٽِڪ ٽاڪر لائيو اسٽريمنگ دوران گوليون هڻي قتل، ڪارڻ سامهون اچي ويو

زاپوپان(ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي شهر زاپوپان ۾ 23 ورهين جي مشهور ٽڪ ٽاڪ بيوٽي انفلوئنسر وليريا مارڪيز کي پنهنجي سيلون مان لائيو اسٽريم دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وليريا کي ان وقت گولي هڻي قتل ڪيو ويو جڏهن ته پنهنجي بيوٽي سيلون مان ٽڪ ٽاڪ تي لائيو اسٽريم ڪري رهي هئي.
وليريا مارڪيز جا ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي ٻه لک کان وڌيڪ فالوورز هئا ۽ هوءَ نوجوانن ۾ بيوٽي ٽپس ۽ لائيو اسٽريمنگ جي ڪري تمام گهڻي مقبول هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هن لائيو اسٽريم دوران هڪ پارسل وصول ڪيو ۽ ٿوري دير لاءِ اسڪرين تان غائب ٿي وئي، پر واپس اچڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي ڪرسي تي رتو رت ٿي ڪِري پئي جڏهن ته لائيو وڊيو جاري رهي.
پوليس موجب، هڪ هٿياربند شخص سيلون ۾ داخل ٿي وليريا تي فائرنگ ڪئي. ان واقعي کي ”شڪي فيميسائيڊ“ قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن جو مطلب ڪنهن عورت کي صنفي بنيادن تي قتل ڪرڻ آهي.
واقعي کان پوءِ ميڪسيڪو ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ قتل تي هڪ ڀيرو ٻيهر انصاف واري نظام تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، فيميسائيڊ جي وڌندڙ واقعن سبب ميڪسيڪو کي عالمي سطح تي به تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.