اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي ڀارتي جارحيت خلاف شاندار ڪاميابي تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن دوران هن آذربائيجان پاران مسلسل سهڪار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي شڪريو ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هميشه سچا ڀائرن جيان هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي جو عزم ورجايو ويو آهي.
وزيراعظم ڀارتي قيادت جي تازن چڙڏياريندڙ بيانن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان جنگبندي قائم رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پر پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو ڀرپور تحفظ ڪندو.
آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي، ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي ڪاميابي تي خاص مبارڪباد پيش ڪئي.
هن پاڪستان جي امن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته آذربائيجان پنهنجي ڀاءُ پاڪستان جي جائز موقف جي مڪمل حمايت جاري رکندو.
صدر الهام عليوف پاڪستان سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف جي طرفان پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ قبول ڪري ورتي.
آذربائيجان جي ڀارتي جارحيت خلاف شاندار فتح تي پاڪستان کي مبارڪباد، واضح حمايت جو اعلان
You might also like