پاڪستان ڀارتي ايٽمي ٿاڪن ۽ مواد جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي پاڪستاني ايٽمي اثاثن بابت بيان تي سخت ردعمل ڏيندي، ڀارت ۾ ايٽمي ٿاڪن ۽ تابڪاري مواد جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير جو بيان غير ذميواراڻو آهي، جيڪو ڀارت جي عدم تحفظ ۽ ناڪام دفاعي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو.
ترجمان چيو ته پاڪستان جي روايتي دفاعي صلاحيت ڀارت جي جارحيت کي روڪڻ لاءِ ڪافي آهي.
ترجمان نشاندهي ڪندي چيو ته ڀارتي شهر ديرا دون مان پنجن ماڻهن وٽان ايٽمي مواد هٿ آيو، جڏهن ته گذريل سال 100 ملين ڊالر ماليت جو تابڪاري مواد ’ڪاليفورنيم‘ به ڀارت مان هٿ آيو هو.
هن چيو ته ان کان اڳ 2021ع دوران به ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري جا ٽي واقعا رپورٽ ٿيا هئا، جيڪي ڀارت ۾ ايٽمي مواد جي غير قانوني واپار (ڪاري بازار) جي موجودگي کي ظاهر ڪن ٿا.
پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت ۾ موجود ايٽمي ٿاڪن ۽ تابڪاري مواد جي سيڪيورٽي جي صورتحال جو بين الاقوامي سطح تي جائزو ورتو وڃي، ته جيئن علائقائي سلامتي کي پيش خطرن کي منهن ڏئي سگهجي.
واضح رهي ته ڀارتي وزير بچاءُ واري وزير راجناٿ سنگهه پاڪستان تي تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو هو ته پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن کي عالمي ايٽمي توانائي اداري(آءِ اي ايِ اي) جي نگراني ۾ آڻڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.