حيدرآباد(رپورٽر) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ۽ آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ، ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ جوڙيل ڊائيلاگ ڪميٽي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي سان سنڌ حڪومت سان هاڻ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، جلد ئي آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جي گڏجاڻي سڏائي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي. ڪالهه پنهنجي فيسبڪ پيج تي هاءِ ڪورٽ بار جي آفيس مان لائيو وڊيو پيغام جاري ڪندي ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ چيو ته آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڊائيلاگ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا اڄ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي، ڊائيلاگ ڪميٽي جوڙڻ جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ حڪومت جيڪي به زمينون ڪمپنين کي ڏنيون آهن، اهي فوري طور تي واپس ڪرائڻيون هيون، پر ڪميٽي ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو، اسان سان واعدو ڪيو ويو هو ته 7 مئي تائين ڪمپنين کي ڏنل زمينن جا تفصيل ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان سمورا ڪاغذ ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويندا، جن کي وڪيلن جي ڪميٽي ڏسي غور ويچار ڪندي ته جيئن 13 مئي تي ڪميٽي جي سنڌ حڪومت سان رٿيل گڏجاڻي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي، سنڌ حڪومت پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪيو ۽ 7 مئي تائين ڪو به ڪاغذ نه ڏنو ويو ۽ گڏجاڻي جي طئه ٿيل تاريخ 13 مئي به گذري وئي، پر سنڌ حڪومت ڪميٽي سان ڪو به رابطو نه ڪيو. هن چيو ته وڪيلن جي وچ ۾ مڪمل اتحاد آهي، سڄي سنڌ جون بارز ۽ نمائندا هڪ پيج تي آهن.