ڪئنالن جي اڏاوت عارضي طور بند ٿي آهي:مخدوم جميل الزمان

مٽياري(عوامي آواز نيوز)سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوج آهي،جنرل عاصم منير ۽ سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته دشمن کي اسان شڪست ڏني آهي،مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرمپ کي جتي وڌيڪ مفاد نظر ايندو اوڏانهن ويندو،پاڪستان کي به اها پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي،اصولي طور سياستدانن کي به سرحدن تي وڃڻ گهرجي ها،پر اها جنگ بارڊر تي نه هوائن ۾ هئي،جيڪڏهن سرحدن تي جنگ لڳي ته سياستدانن کي جوانن سان گڏ اتي ضرور وڃڻ گهرجي،انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي،عوام جو ساٿ تمام ضروري هو، هن چيو ته هن جنگ ۾ سياستدانن جو ڪو به هٿ ناهي،رڳو فوج جو هٿ آهي،آئنده الله نه ڪري جنگ لڳي خاص طور تي ٿر جي سرحدن تي اسان جا قومي نمائندا موجود هئڻ گهرجن،هن چيو ته عمران خان جو پيرول تي قانوني طور آزاد ٿيڻ جو حق آهي،هن کي آزاد ڪرڻ گهرجي، سياسي ماڻهو کي فيلڊ ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي، پنهنجي مخالف کي جيل ۾ وجهي مقابلو نٿو ڪري سگهجي،هن چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت عارضي طور بند ڪئي وئي آهي،مان ان جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو کي ڏيندس،بلاول پنهنجي سياسي زندگي جو ڏکئي ۾ ڏکيو فيصلو ڪيو جو هن اسلام آباد ويهي کين مڃرايو ته ڪئنال سنڌ لاءِ خطرناڪ آهن،بلاول صاحب جي پوزيشن ۾ ڪو ٻيو سنڌي حڪمران هجي ها ته ايئن نه ڪري سگهي ها،هن کي شابس آهي،هن چيو ته ڪئنال مستقل بند ڪرائڻا آهن ته سڀني کي بلاول سان گڏ بيهڻو پوندو،ڪئنالن خلاف تحريڪ دوران سنڌ جي محبت سان گڏ سياست به ٿي رهي هئي،ڪجهه ڌرين چاهيو ته پ پ  وفاق ۽ سگهارين ڌرين سان وڙهي ، حڪومت مان نڪري اچي ۽ هنن کي وارو ملي،اها سياست ناهي،سياست اها آهي ته ماڻهو پنهنجي پاڻ کي بچائي،پنهنجي وطن کي بچائي،پنهنجي ماڻهن کي به بچائي،هن چيو ته هينئر به اليڪشن ٿئي پ پ وڌيڪ سيٽون کٽيندي،باقي جن سنڌ لاءِ ڌرڻا هنيا آئون انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو،انهن اهو ڪم ڪيو جيڪو اسان پ پ وارا اڪيلي سر شايد ايترو جلدي نه ڪري سگهون ها،جيڪي ٻٻرلو ۾ ويٺا اهي اسان جي طاقت بڻجي ويا،هن چيو ته سنڌ ۾ مهاجرن ۽ سنڌين کي گڏ رهڻو آهي،ايم ڪيو ايم کي به سنڌ جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.