اسلام آباد(حماد حسن) 10 مئي تي صبح جو پاڪستاني جھازن انڊيا اندر حملا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ پاڪستاني ايئرفورس بلڪل حاوي ٿي چڪي ھئي،هوڏانهن انڊيا پاران بمبئي پورٽ تان ڪراچي مٿان ڪاھھ جي تياري ڪيل ھئي. پر پاڪ نيوي جي اڳواٽ تياري ٿيل ھئي ۽ انڊيا کي ناڪامي ملي،سمنڊ اندر مائنز لڳايون ويون ھيون ان لاءِ مخصوص ڪوڊ ورڊ ڊيپ چارجز استعمال ٿيندوآھي اھي لڳايا ويا ھئا. نيوي جون سب ميرين بمبئي پورٽ تي ھلان لاءِ تيار ھيون انھن دفاعي بجاءِ جارحاڻي حڪمت عملي جوڙي ھئي. اھي انتظام نھ ھجن ھا تھ پوءِ ھوائي حملي جي بدلي ساموندي چڙھائي ٿئي ھا.اھوئي سبب آھي جو بمبئي پورٽ بند ڪيو ويو ھيو. ھندستان طرفان سمنڊ وسيلي ھڪ انچ بھ اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي ويو ھيو.ٻي پاسي پاڪستاني فوجي ايل او سي تي ھندستاني علائقن ۾ گھڙي ويا ھئا.سيالڪوٽ وٽ پنج ڪلوميٽر، بھاولپور 4 ڪلوميٽر، شيخو پورھ وٽ ٻھ ڪلو ميٽر . ليپا ۽ حاجي پير سيڪٽر ۾ پاڪستاني فوج چار کان ست ڪلوميٽر تائين انڊيا اندر پھچي وئي هئي، ڊي جي ايم اوجيز جي ميٽنگ دوران بھ ان تي ڳالھھ ٿي تھ فوج کي پوئتي ھٽايو وڃي،انھن کي اھو ٻڌايو ويو تھ جنگ بندي ناھي ٿي سيز فائر ٿيو آھي. جئھ پور ۽ ٻين ھنڌن تي چرپر جي اطلاعن سبب پاڪستاني فوج کي في الحال پوئتي اچڻ جي ھدايت ناھي ملي. ھن وقت پاڪستاني فوج انڊيا جي ڪجھ علائقن ۾ موجود آھي.