سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي: عالمي بينڪ

نيويارڪ (م ڊ) عالمي بينڪ جي صدر چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان معاهدي کي ڌرين جي مرضي سان ختم يا ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي پر هڪ طرفي طور معطلنٿو ڪري سگهجي، هڪ انٽرويو ۾ عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا چيو ته ورلڊ بينڪ ان معاهدي ۾ ٽياڪڙ ناهي پر رڳو سهولتڪار طور موجود آهي، اهو معاهدو ٻن ملڪن وچ ۾ آهي ۽ ان بابت فيصلو به ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪرڻو آهي، هن چيو ته معاهدو ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديلي لاءِ ٻنهي ملڪن جو رضامند هجڻ ضروري آهي، معاهدي ۾ تبديلي يا خاتمي جي حوالي سان شرط معاهدي ۾ موجود آهن، هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل نه ڪيو ويو آهي، پر فني طور تي ڀارتي حڪومت ان کي "التوا ۾” رکيو آهي، ، مون کي اڃا تائين ڪنهن به ملڪ کان سنڌ طاس معاهدي (جي معطلي) بابت ڪا به اطلاع نه ملي آهي. مان ڄاڻان ٿو ته ميڊيا ۾ هن معاملي بابت گهڻيون ئي قياس آرائيون هلن پيون آهن ته ڇا عالمي بينڪ ڀارتي قدم جو تدارڪ ڪندو يا نه، يا ڇا عالمي بينڪ سان رجوع ڪيو ويندو يا نه، اهي سڀ ڳالهيون بي بنياد آهن، ڇاڪاڻته اسان جو اهڙو ڪو به ڪردار ناهي، اسان کي فيس هڪ ٽرسٽ فنڊ جي ذريعي ادا ڪرڻي پوي ٿي، جيڪو معاهدي جي وقت بينڪ ۾ قائم ڪيو ويو هو، اسان جو ڪردار صرف ايترو ئي آهي، ان کان اڳتي اسان جو ڪو به ڪردار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.