آتش فشان جي ماٺ کانپوءِ پکڙيل لاوا 

تحرير: ساحر ٻپڙ

ڏکڻ ايشيا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جتي خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ عالمي منظرنامي تي نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل تازو هٿياربند ٽڪراءُ، محض سرحدي تڪرار جو تسلسل نه هو پر اها هڪ اهڙي جنگي صورتحال هئي، جنهن خطي جي سياسي جوڙجڪ سان گڏوگڏ عالمي طاقت جي توازن کي به ڌڪ رسايو. ڪشمير جو حل طلب مسئلو، پاڻيءَ جي ورڇ بابت وڌندڙ خدشا ۽ هندوتوا تي ٻڌل سياسي قوم پرستيءَ جي جارحيت اڳي ئي خطي کي غير يقيني حالتن ڏانهن ڌڪي رهي هئي. پر هن ڀيري، ٽڪراءَ جي نوعيت نه صرف تيز هئي پر گهڻي حد تائين غير روايتي به ثابت ٿي. پاڪستان چين جي جديد فوجي ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي سهڪار جي بنياد تي ڀارت جي جنگي حڪمت عملين کي غير متوقع طريقي سان ناڪام بڻايو. چين جي مصنوعي ذهانت، سگنل انٽيليجنس ۽ ڊرون نظامن جي مدد سان پاڪستان جي رياستي ادارن ڀارت جي دفاعي نظام ۾ نه صرف ڏار وجهي پر ان کي سفارتي سطح تي به پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪيو. اهو ٽڪراءُ فقط هڪ علائقائي مقابلو نه رهيو پر ان جي ذريعي چين پنهنجي وڌندڙ عالمي اثر، ٽيڪنالاجي برتري ۽ حڪمت عمليءَ واري قيادت کي به ظاهر ڪيو. جنگ جي ميدان ۾ چين-پاڪستان جو اتحادي جواب، عالمي ميڊيا، خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ به بحث جو مرڪز بڻجي ويو، جتي اڀرندڙ نئون طاقتور بلاڪ موجوده عالمي اڏاوت لاءِ چئلينج جي حيثيت اختيار ڪري رھيو آهي.

جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ آمريڪا جي خاموشي ڪيترن ئي تجزيي ڪارن لاءِ حيراني جو سبب هئي، پر هن خاموشي جي پٺيان سفارتي حڪمت عمليءَ جو هڪ نازڪ جُزو لڪل هو. جيئن ئي ڀارت جي عسڪري حيثيت ڪمزور ٿيڻ لڳي تيئن واشنگٽن پاران سيزفاير جي اپيلون سامهون اچڻ لڳيون، جيڪي نه صرف انساني همدرديءَ جي نالي تي هيون پر اصل ۾ جنگ جي رخ کي پنهنجي مفادن جي پاسي موڙڻ جي ڪوشش به هئي. سفارتڪاري جي ميدان ۾ آمريڪا جو اهو رويو اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو خطي جي ڇڪتاڻ کي هڪ تازو موقعو سمجهي، پنهنجي جيو-اسٽريٽجڪ حسابن کي ترتيب ڏيڻ ۾ لڳل هو. هڪ پاسي هو ڀارت کي پنهنجو روايتي اتحادي تسليم ڪري ٿو، ته ٻي پاسي چين سان واپاري معاهدن، ماحولياتي ڳالهيون ۽ عالمي سطح تي اثر وڌائڻ لاءِ نرم رويي کي به ترجيح ڏئي رهيو آهي. اهو تضاد ڏيکاري ٿو ته آمريڪا جنگي حالتن کي فقط انساني يا امن جي نقطه نظر سان نه پر هڪ وڏي طاقت وانگر پنهنجي سفارتي ڪارڊن جي ترتيب طور استعمال ڪري ٿو. سندس خاموشي، پوءِ مداخلت ۽ وري واپاري مفادن جي ترجيح، اهو واضح ڪري ٿي ته ڏکڻ ايشيا جي ڇڪتاڻ هن لاءِ رڳو خطي جي نه پر عالمي طاقت جي ترتيب لاءِ هڪ اهم شطرنج جي راند آهي، جتي هو هر حرڪت کي پنهنجي فائدي جي پرک سان ڏسي ٿو.

هي جنگ چين لاءِ رڳو هڪ دفاعي آزمائش نه پر عالمي طاقت جي حيثيت ماپڻ جو هڪ عملي تجربو ثابت ٿي. پاڪستان کي عسڪري سهڪار مهيا ڪندي چين نه فقط پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ جي برتريءَ جو مظاهرو ڪيو، پر جنگي ميدان ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ جي پختگيءَ سان به عالمي ڌيان حاصل ڪيو. مصنوعي ذهانت، سگنل انٽيليجنس ۽ ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جهڙين اوسرن جي مدد سان پاڪستان جي جنگي ڪارڪردگي، عالمي ميڊيا ۽ دفاعي تجزين جو مرڪزي موضوع بڻجي وئي. ان کان علاوه، چين هاڻ رڳو جنگي ساٿي نه رهيو آهي پر بريڪس، ايس سي او ۽ ٻين علائقائي ۽ بين الاقوامي اتحادن جي ذريعي هڪ بااثر حڪمت عمليءَ وارو رانديگر بڻجي چڪو آهي، جيڪو نئين عالمي ورهاست جي ترتيب کي چئلينج ڪري رهيو آهي. هيءَ تيزيءَ سان اڀرندڙ تبديلي، خاص طور تي مغربي طاقتن لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي رھي آهي. فرانس، آمريڪا ۽ برطانيا جهڙا ملڪ، جيڪي سالن کان عالمي هٿيارن جي واپار، سفارتي اثراندازين ۽ معاشي پاليسين تي دارومدار رکندا آيا آهن، هاڻ چين جي وڌندڙ اثر هيٺ پنهنجا روايتي فائدا خطري ۾ محسوس ڪري رهيا آهن. ان پس منظر ۾ چين جي واڌ رڳو خطي لاءِ نه پر هڪ نئين عالمي طاقت جي قيام لاءِ اعلان سمجهي پئي وڃي، جنهن جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مستقبل جي سفارتڪاري، واپار ۽ جنگي اتحاد هاڻ مڪمل طور مغرب جي شرطن تي نه پر هڪ وڌيڪ متوازن ۽ مقابلي واري نظام تي ٻڌل هوندي.

جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن طرفان سيزفاير جو اعلان ڪيو ويو، پر خطي ۾ امن جي واڳ اڃا تائين غير مستحڪم آهي. ڪشمير جي تڪراري حيثيت، سنڌ طاس معاهدي سان لاڳاپيل پاڻيءَ جا وڌندڙ خدشا ۽ سياسي قوم پرستيءَ جي نئين لهرن خطي جي مستقبل تي ڳنڀير سوال اٿاري ڇڏيا آهن. امن جا امڪان ايترا ئي ڪمزور آهن، جيترو خطي جي سياست ۾ عدم اعتماد گهرو آهي. ڀارت جي اندروني سياسي جوڙجڪ ۾ هندو قوم پرستيءَ جي واڌ، خاص ڪري حڪمران ڌر جي پاليسين ۽ بيانن ذريعي نه صرف ڀارت جي اقليتن لاءِ پر پاڙيسري ملڪن لاءِ به خطرو بڻجي چڪي آهي. هي رجحان هڪ اهڙي نظرياتي جنونيت کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جيڪا خطي جي گڏيل امن، واپار ۽ سفارتي توازن لاءِ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿي. موجوده حالتن مان اها ڳالھ چٽي نظر اچي ٿي ته ڏکڻ ايشيا هاڻ صرف هڪ علائقائي تضادن جو مرڪز نه رهيو آهي، بلڪه عالمي طاقت جي نئين ترتيب ۾ هڪ فعال ۽ اثرائتي فريقي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. پاڪستان، چين، ڀارت ۽ ٻيا علاقائي ملڪ هاڻ اهڙي ڪارڪنن طور سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي مستقبل جي سفارتي نقشي ڪشيءَ ۾ اهميت رکن ٿا. جيڪڏهن هن ڇڪتاڻ مان ڪو بنيادي سبق مليو آهي ته اهو هي آهي ته طاقت جي هڪ طرفه ورهاست، جيڪا ڏهاڪن تائين مغرب جي اجاريداري تي ٻڌل رهي، هاڻ اختتام جي ڪناري تي آهي. دنيا هاڻ نون بلاڪن، متبادل اتحادن ۽ ٽيڪنالاجيڪل فوقيت جي بنيادن تي هڪ نئين عالمي توازن ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جو ڪردار نئون رخ اختيار ڪري رهيو آهي.

ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل تازو عسڪري ٽڪراءُ، فقط هڪ علائقائي جنگ نه بلڪه عالمي طاقت جي نئين صف بنديءَ جو آغاز ثابت ٿي سگهي ٿو. چين جو ميدان تي اثرانداز ٿيڻ، آمريڪا جي متضاد سفارتي روش ۽ ڀارت جي اندروني سياسي رجحانن جو پردو، هڪ اهڙو منظرنامو پيش ڪري رهيا آهن جتي دنيا جو طاقتور هجڻ هاڻ صرف هٿيارن تي نه پر ٽيڪنالاجي، اتحاد ۽ حڪمت عمليءَ جي بالادستيءَ تي دارومدار رکي ٿو. هن جنگي ڇڪتاڻ دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هاڻ عالمي فيصلا رڳو مغربي دارالحڪومتن ۾ نه پر ماسڪو، بيجنگ، اسلام آباد ۽ دهلي جي پاور ڪوريدورز ۾ به ٿيندا. پاڪستان جي عسڪري ردعمل، چين جي ٽيڪنيڪي سهڪار ۽ ڀارت جي سياسي اندروني دٻاءُ، گڏجي هڪ نئين "علاقائي خودمختياري” جي تصور کي جنم ڏنو آهي. پر هي رستو نه رڳو موقعن سان پر خطري سان به ڀريل آهي. جيڪڏهن خطي جا ملڪ تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي دانشمندي، دور انديشي ۽ باهمي احترام سان اڳتي وڌن ته ڏکڻ ايشيا عالمي اسٽيج تي امن، ترقي ۽ نئين طاقت جي هڪ ماڊل طور سامهون اچي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ هن نئين طاقت جي ڇڪتاڻ جو ميدان، انساني تاريخ جي هڪ ٻي خوني باب ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.