جنگيون ختم ڪرائڻ جو درست طريقو

آمريڪا جي موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ 13 مئي کان وچ اوڀر جي شروع ڪيل دوري ۾ سعودي عرب ۾ پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو آهي ته مون کي جنگيون پسند ناهن هونديون، دنيا مان امن چاهيان ٿو. هن اتي فخر مان ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مان پاڪ ڀارت جي جنگ اهو چئي روڪرائي آهي ته ٻي صورت ۾ اوهان سان واپار کي بند ڪيو ويندو. جيڪڏهن اها جنگ بند نه ٿئي ها ته لکين ماڻهو مارجي سگهن پيا ۽ جيڪڏهن ايٽمي جنگ لڳي ها ته  اڃا گهڻو نقصان ٿيندو. هن اهو به چيو ته اڳتي هلي به پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪٻئي جي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته مان بنيادي طور تي واپاري آهيان سو چاهيان ٿو ته دنيا جا ملڪ جنگيون نه ڪن پر هڪٻئي سان واپار ڪن. وچ اوڀر جي موجوده دوري لاءِ اهو ئي مقصد ۽ خواب کڻي آيو آهيان.

 اسان آمريڪا جي موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ  جي جنگين خلاف  موقف جي آجيان ڪيون ٿا. ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ڳالهه يا ان قسم جي موقف جو اظهار ڪو پهريون ڀيرو ناهي ڪيو. هن صدارتي چونڊ مهم ۾ به چيو هو ته هو دنيا اندر هلندڙ جنگين کي به روڪرائيندو ۽ اڳتي به جنگيون ڪرڻ نه ڏيندو. پوءِ جيئن ئي هن صدارتي چونڊ کٽي ته عهدي جو حلف کڻڻ کان اڳ ئي اسرائيل ۽ فسلطين جي سال کان هلندڙ جنگ روڪرائي ۽ وري جڏهن پاڪ ڀارت جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ته صدر ٽرمپ مداخلت ڪري اها جنگ روڪرائي جنهن کي سڄي دنيا اندر ساراهيو وڃي ٿو.

سو اسان صدر ٽرمپ جي جنگين خلاف ڏنل انهن بيانن ۽ موقفن تي بيحد خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته جنگي طاقت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪا کي دنيا اندر سپر پاور ملڪ جي حيثيت حامل آهي.جيڪڏهن اڄ ان سپر پاور ملڪ جو صدر جنگ جي خلاف بيان ڏي ۽ عملي طور پاڪ ڀارت جي جنگ کي روڪرائڻ جو به ڪريڊٽ ماڻي چڪو هجي ته اها واقعي به دلجاءِ جهڙي ڳالهه آهي. اسان کي ان بيان جي به خوشي ٿي رهي آهي ۽ هڪ لحاظ کان دلجاءِ به ملي آهي ته صدر ٽرمپ پاڪ  ڀارت کي ويجهو ڪرڻ  لاءِ ۽ ڪشمير  مسئلي جي حل ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار به ادا ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا جو صدر واقعي به اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري ٿو ته اهو سندس يادگار ۽ تاريخي ڪم سمجهيو ويندو. چوڻ وارا ته اهو به چئي رهيا آهن ته صدر ٽرمپ جنگيون روڪرائي امن جو نوبل انعام ماڻڻ ٿو چاهي.

جيڪڏهن هو اهڙي ڪا خواهش ۽ مقصد به رکي ٿو ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي. ڀلا جيڪڏهن جارج بش کي امن جو نوبل انعام ملي سگهي ٿو جنهن جي دور ۾ دنيا جنگين جي ور چڙهيل هئي ته ٽرمپ کي ڇو نه ملي جيڪڏهن هي واقعي به جنگين جي خلاف مهم هلائي ٿو يا جنگيون روڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.

جيتوڻيڪ اسان تاريخي طور تي آمريڪا جي  جنگي ۽ سامراجي ڪردار کان چڱي ريت واقف آهيون ۽ اهو به سمجهندار رهيا آهيون ته دنيا اندر جنگين ۽ سامراجي براين جي جڙ پاڻ آمريڪا آهي پر هاڻي جيڪڏهن ان جو موجوده صدر جنگين خلاف آهي ته ان رويي ۽ ڪردار جي آجيان ڪرڻ گهرجي. آمريڪا جيڪڏهن واقعي به دنيا ۾ هلندڙ جنگين کي روڪرائي ٿو ۽ فلسطين توڙي اسرائيل جو پراڻو مسئلو يا پاڪ ڀارت جو  تڪراري مسئلي ڪشمير کي حل ڪرائي وجهي ٿو ته اهو ناقابل يقين ڪارنامو هوندو. پر اسان پوءِ به آمريڪا جي سامراجيت واري ڪردار کي ضرور ذهن ۾ رکنداسين. هن کي اخلاقي طور ۽ هڪ ذميوار ملڪ طور دنيا جي ملڪن جا مسئلا حل ڪرڻ جي اخلاقي اجازت ته ڏئي سگهجي ٿي پر سامراجيت جي ٻل تي کيس اهڙي ڪم جي اجازت نه ڏئي سگهبي. هونئن ڏسجي ته اها به حقيقت آهي ته ٽرمپ جي بيانن ۾ استعمال ٿيل ٻولي مان سامراجيت واري ئي بوءِ ملي رهي آهي جڏهن ته ان کي اظهار جو دوستاڻو طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي.جنگين کي روڪڻ جو درست طريقو اهو ئي آهي. صدر ٽرمپ جي جنگين خلاف ڏنل بيانن جي اصل ڪسوٽي به اها ئي آهي ته ان ۾ جمهوري ۽ دوستاڻو عمل دخل آهي يا سامراجي اک ڏيکاريل آهي.

باقي هڪ ذميوار ۽ عالمي برادري جي وڏي ملڪ  هئڻ ناتي آمريڪا جو به اهو فرض آهي ته اهو دنيا اندر امن لاءِ جاکوڙي ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري. ان ناتي جيڪڏهن آمريڪا، اسرائيل ۽ فلسطين جو پراڻو مسئلو حل ڪرائي ٿو ته ان جي آجيان ڪبي.اسان جو ته اهو خيال آهي ته دنيا جي ملڪن جي قائم ٿيل تنظيمن ۽ گڏيل قومن جهڙي اداري کي اصل ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا مان جنگين ۽ تڪرارن جو ماحول ختم ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچن. سو بجاءِ ان جي ته آمريڪا اڪيلي سر سامراجي ٻل تي اهڙو ڪردار دا ڪري اصولي طور تي ان کي گهرجي ته اهي ڪم ادارن يا ملڪن جي تنظيمن کان اجتماعي طور تي ڪرائي. اهو ئي اصل ۾ هر مسئلي جو آئيڊيل طريقو آهي ڇاڪاڻ ته ڪي مسئلا انفرادي طور تي ڪي ملڪ حل نه ڪري سگهندا آهن، ان لاءِ ٽياڪڙي جي ضرورت پوندي آهي.

بهرحال ڏسڻو اهو  آهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وچ اوڀر وارو هي دورو انفرادي يا اجتماعي طور تي ڪهڙا نتيجا ٿو ڏئي. اميد ڪجي ٿي ته آمريڪا جي صدر جي جنگيون ختم ڪرائڻ واري خواهش جي دنيا جا باقي ملڪ به آجيان ڪندا ۽ دنيا کي جنگين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هر ملڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.