ملڪ مٿان ضياءِ جي فوجي آمريت خلاف سنڌ جيڪا جدوجهد ڪئي، جمهوريت دشمن مافيا مورو، ميهڙ، سڪرنڊ ۽ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ڪندڙ پرامن عوام مٿان لاکاٽ ۽ ٻين هنڌن مٿان بم ڪيرايا هئا، سرعام ڦٽڪن جي برسات وسائي ڇڏي هئي پر سنڌ جي عوام سنڌ مٿان حملي آورن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ جمهوريت دشمن قوتن کي ڪمزور ڪيو،انهيءَ جنگ جا ڪيترائي ننٺڙا توڙي وڏا هيرو گمنام واري زندگي گذاري مري ۽ گمنام زندگين جي حوالي ٿي ويا، ڇو ته انهن پويان ڪا انقلابي جماعت جي سرپرستي نه هئي، يا وري جمهوريت جي دشمنن کي جمهوريت جو تغمو ڏيندڙ ويڪائو وڏيرڪي قيادت ۽ پارٽين جي پويان هئا، جن خيرپور ناٿن شاهه، سڪرنڊ، لاکاٽ، ميهڙ ۽ ٻين هنڌن تي جمهوريت جي شهيدن جا يادگار تعمير ڪرائڻ بدران شهيدن جي رت جو سودو ڪري ٻن سالن جو اقتدار ورتو، پر ڪامريڊ نياز ميراڻي سميت ٻيا ڪيترائي جمهوري جدوجهد جا هيرا اڄ به ان ڪري ياد آهن جو انهن پويان ڪا وڏيرڪي جمهوريت جي قيادت نه هئي، پر اهي انقلاب ۽ آزادي جي لاهين چاڙهين واري ويڙهه جو فڪر ساڻ ڪري اڳتي هلندا رهيا.
نياز ميراڻي لاڙڪاڻي کان سکر جيل تائين پنهنجي ويڙهه سيني ۾ سانڍي رکي، انور پيرزادي کان وٺي ڊاڪٽر مرتضي شيخ، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي تائين انهن جي سنگت ۾ حوصلو بلند رکي اٽل رهيو ۽ اتي جيلن ۾ به سياسي ڪلاسن جو سٺو شاگرد رهيو، کيس ٻين ساٿين وانگر خبر هئي ته پاڪستان ۾ ڪا شيخ مجيب جي ڌيءُ پيدا نه ٿي سگهندي، جنهن جمهوريت مخالف جرنيلن سان ڪو سمجهوتو نه ڪيو،وڏيرا جمهوري جدوجهد جو وڪرو ڪري ڇڏيندا، پر هن هڪ منزل کان ٻي منزل تائين عوامي تحريڪ جي جي هدايتن تحت سفر جاري رکيو، جيل مان آزاد ٿيڻ بعد عوامي تحريڪ لاڙڪاڻو جي تاريخ ۽ جدوجهد جو هڪ اڻ وسرندڙ باب ۽ ساٿين لاءِ اتساهه طور زندهه ۽ سرگرم رهيو، اڄ جڏهن هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي سياسي پارٽين پنهنجي سياست جو سودو ڪري مارشل لا جهڙي حڪومت کي قبول ڪيو آهي، هن دور ۾ نياز ميراڻي پنهنجي ڊگهي بيماري ڪري وفات ڪري ويو، جنهن جو ويجهڙ وڏي انقلابي شان شوڪت سان چاليهو ملهايو ويو،جڏهن هو فوت ٿيو هو تڏهن به هن جو جنازو سنڌ ۽ انقلاب جي نعرن ۽ گيتن ۾ کنيو ويو. پر لاڙڪاڻي شهر سميت سنڌ جي ڪيترن ئي نئين نسل جي نوجوانن ۽ پراڻي نسل جي اڻ پڙهيل سياسي ڪارڪنن۽ شهرين کي شايد نياز ميراڻي بابت ڪابه ڄاڻ نه هوندي ياد نه هوندو، جنهن جي قربانيءَ جي نتيجي ۾ بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ تقريرون ڪري رهيو آهي. نياز ميراڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي جمهوريت جي بحالي تي پشيمان به ٿيندو هو، پر کيس اها به خبر هئي ته اهي به هڪ ڏينهن عوام جو حساب ڪتاب ڏيندا،ڀلي هن وقت نيب انڌي ٻوڙي لڳي پئي هجي پر عوام وٽ سمورو ريڪارڊ گڏ ٿي رهيو آهي، نياز ميراڻي ايم آر ڊي جو اهو هيرو هو، جيڪو هڪ دفعو ٻيهر حقيقي عوامي جمهوري جدوجهد ۾ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار به رهندو هو، هو انتهائي گهڻو بيمار ۽ معاشي مسئلن جو شڪار هو، پر فڪري طور جوان هو، جڏهن لاڙڪاڻي شهر، آگاڻي، نئوديرو کان وٺي راهوڪي، ٺٽي ۽ ڪراچي، ڪرم پور تائين انقلابي سورمن مٿان سنڌ ۽ ملڪ جي سخت ترين فوجي راڄ جي دور ۾ هڪ طرف آمريت جي سخت تپش، انهن جي ايجنٽنسنڌي مار سورمن ۽ جرنيلن ۽ سامراج جي سڪيلڌن نسلي دهشتگردن جي سنڌي عوام، سنڌي شاگردن، ليکڪن ۽ انقلابي سياسي ڪارڪنن۽ اڳواڻن خلاف هر قسم جا حملا ٿي رهيا هئا، تعليمي ادارن ۽ شهرن جي ميدانن ۽ چوراهن تي سنڌي انقلابي وطن دوستن جا جلسا جلوس ڦٽايا ويندا هئا ۽ ڪارڪنن مٿان هاسٽلن ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ شهرن جي بازارن ۾ حملا ڪيا ويندا هئا، آمريت مخالف انقلابي قيادت جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. انهن وحشت ۽ بربريت جيماحول ۾ جن به سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نظرياتي ۽ جسماني سطح تي مزاحمت ڪري هئي، اهي ان دور جا هيرو هئا ۽ اڄ جي سياسي صورتحال ۾ سمورن انقلابي ساٿين جو اتساهه ۽ ميراث آهن، اهي نياز ميراڻي سميت اڄ ڏينهن تائين وسارڻ جهڙا معمولي ماڻهو نه آهن. انهن ڪامريڊن ۾ اسان جي لاڙڪاڻي ضلعي جي عوامي تحريڪ جو هڪ انمول، بي لوث ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پارٽي جي نون ساٿين لاءِ هڪ اتساهه ڏيندڙ ڪامريڊ نياز ميراڻي پنهنجي دور ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن بيماري،معاشي تنگين جي باوجود پنهنجي گهر ۾پنهنجي قائد رسول پليجو جي فڪر کي زندهه رکيو.ان دور ۾ پرامن مزاحمت لاءِ به ٻين ساٿين سان گڏ نياز ميراڻي اڳين صفن تي موجود هو، لاڙڪاڻي جي مندرن ۽ هندو ڀائرن جي گهرن جي حفاظت لاءِ بلڪل للڪاريندڙ هڪل ۽ پهرن ڏيڻ ۾ به نياز ميراڻي پوئتي نه رهيو. هڪ دفعو جڏهن ان وقت جي ايس ايس پي هن مٿان سخت تشدد ڪيو ته پليجو صاحب خود پاڻ هن جي بچاءَ ۾ لاڙڪاڻي آيو ۽ ان پوليس آفيسر سان جيڪا تعدي ڪئي اهو به هڪ ريڪارڊ آهي.
نياز ميراڻي جي ايم آر ڊي ۾ گرفتاري، پوليس لاڪپ کان وٺي سکر ۽ لاڙڪاڻي جيل تائين جيڪا تاريخ رقم ٿيل آهي، ڪاش اها سهيڙي سگهجي ها، انقلابي پارٽين کي به پارٽي ساٿين جي جيل، ڪوڙن ۽ برداشت ٿيل سزائن جون سختيون جي داستانن جي تاريخ کي سهيڙڻ گهرجي. جڏهن وڏي سرڪار جا ايجنٽ خاص طور اتر سنڌ ۽ خاص طور لاڙڪاڻي قمبر جي پارٽي ساٿين ۾ مايوس، غلط فهميون ڦهلائڻ ۾ ڪافي ڪامياب ويا ان دور ۾ جيڪي به ساٿي نئين سر پارٽي لاءِ ڪم ڪندي جنرل مشرف جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف جدوجهد ۽ پارٽي هدايتن جو حصو رهيا ، اهي به يقينن ان دور جا سورما آهن، ان دور ۾ جڏهن اڀراسڀرا ڪارڪنن پارٽي جدوجهد لاءِ شاهوڪار ٿيل اڳوڻن ساٿين يا ٻين ڏي چندي لاءِ ويندا هئا ته ا هي کين سو ٻن جي رقم لاءِ نه فقط موٽائي ڇڏيندا هئا پر هنن مٿان چٿرون به ڪندا هئا،ته هاڻي انقلاب ته ختم ٿي ويو آهي، يا بار بار پنڌ ڪرائي انهن کي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر نياز ميراڻي بيماري ۽ بي روزگاري هوندي به نه فقط پنهنجي حيشت آهر فنڊ ڏيندو هو پر چانهه به پيئاريندو هو ۽ پارٽي جدوجهد تي خوش ٿي پنهنجي خاموش ڪردار جا سبب پيش ڪري پشيمان به ٿيندو هو، هو سرڪار جي تيار ٿيل پارٽي ۾ لڪل اڳوڻن پارٽي ساٿين جي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿيو هو.
ڪامريڊ نياز ميراڻي ذوالفقار ميراڻي سميت لاڙڪاڻي جي نوجوانن پارٽي ساٿين جي روپ ۾ زندهه رهيو آهي ۽ رهندو. مان ڪيترائي دفعا لاڙڪاڻي جي ذميوار ساٿين کي اهو چوندو رهيس ته پارٽي جي مرڪزي جدوجهد جي سڏ کان سواءِ ٻيا به تخليقي ڪم ٿيڻ گهرجن وغيره وغيره انهن ۾ هڪ اهم ڪم اهو آهي ته سمورن زندهه ، بيمار ۽ پراڻن ساٿين جي اعزاز ۾ انهن سان شامون ملهائي کين پارٽي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊيون ڏيڻ گهرجن جيئن نه فقط انهن کي ان سان خوشي ملندي ۽ مالڪي ٿيڻ جو احساس ٿيندو پر سندن مٽن مائٽن ۽ اولاد وٽ نئين انداز ۾ پارٽي فڪر جي پهچ به ٿيندي، اهڙي ڳالهه جو ذڪر جڏهن استاد پليجو صاحب سان ڪيو ته هن لاڙڪاڻي جي شاهنواز لائبريري ۾ هڪ وڏي پروگرام ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو سميت ٻين کي مڃتا سرٽفڪيٽ ڏنا هئا. منهنجي خواهش هوندي هئي ته شاهنواز سومرو شاني، حسن علي ٻپڙ ،ڊاڪٽر مرتضي شيخ، ڪاڪي ارباب آگاڻي، نياز ميراڻي، سرور ناريجو، مصطفي چانڊيو،سرتاج چانڊيو، رفيع لغاري، رياض ٻڌ ۽ ٻين ساٿين کي پارٽي اعزاز جون شيلڊون سندن حال حيات زندگيءَ ۾ ڏنيون وڃن.آخر ۾ اها ڳالهه ٻيهر ورجايان ٿو ته . نياز ميراڻي ايم آر ڊي تحريڪ ۽ هاري مزدور انقلاب جي ماضي جو اهم جي سياسي جدوجهد جو اهم ڪردار هو، جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. .