راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مودي حڪومت پاڪستان خلاف جارحيت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، سڄي قوم ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد، پرعزم ۽ هوشيار آهي.
صدر آصف علي زرداري سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ ڀارتي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ شهرين سان عيادت ڪئي.
ان موقعي تي گفتگو ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي، سڄي قوم پنهنجي سپاهين ۽ شهرين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، پاڪستانين دشمن جي جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو.
هن چيو ته ڀارت جو رويو جارحاڻو، شدت پسنداڻو ۽ علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، هندوتوا نظريي سان سڄي خطي جي سلامتي کي خطرا آهن.
سندس چوڻ هو ته مودي حڪومت پاڪستان خلاف جارحيت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو، پاڪستان پنهنجي خود مختياري ۽ قومي سلامتي تي ڪَک نه سهندو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سڄي قوم ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد، پرعزم ۽ هوشيار آهي ۽ هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
Next Post
You might also like