حيدرآباد (رپورٽر) ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ نويد جروار, ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ سولنگي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻٻرلو ڌرڻو ختم ٿيڻ کان اڳ وڪيلن اڳواڻن جي 11 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي, جنهن کي 10 ڏينهن اندر سنڌ حڪومت پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڏنل زمينن جا تفصيل ۽ ٻيو سمورو رڪارڊ فراهم ڪرڻ سميت ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هئي. پر سنڌ حڪومت اڃا تائين نه ان ڪميٽي کي زمينن جو رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ نه ئي ڪميٽي سان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هاڻ وري رات وچ ۾ وڪيلن جي ڪميٽي مان سينيئر, سنڌ دوست ۽ سياسي سمجهه رکندڙ وڪيلن جا نالا ڪڍيا ويا آهن. اسان کي اها ڪميٽي قبول ناهي. هاڻ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سان پيپلزپارٽي جي وڪيلن جي ڪميٽي ڳالهه ٻولهه ڪندي ته اها ڪارپوريٽ فارمنگ کي ٺپو هڻي ڏئي ايندي. اسان ڪارپوريٽ فارمنگ کي سمورن مسئلن جو ڪارڻ سمجهون ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪري ئي سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا ان منصوبي کي سنڌ ۾ ختم ڪرڻ جي نيت نٿي رکي. هنن چيو ته سنڌو درياهه بچائڻ واري تحريڪ ڪا هڪ ڏينهن جي ڳالهه ناهي, هن تحريڪ جي پٺيان ڏهاڪن جي سياسي جدوجهد ۽ قربانيون آهن. ان ڪري ڪن ماڻهن جي دوکي بازي يا مڪاري جي ڪري هي تحريڪ رڪجي نٿي سگهي. هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڏنل زمينون ڪمپنين ۽ ادارن کان واپس وٺي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته سڄي سنڌ هڪ دفعو ٻيهر ٻٻرلو تي گڏ ٿيندي. وڪيل هڪ ڀيرو وري روڊن تي هوندا .