باڊھ( پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ دودو ديشي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جو ريفرينڊمچي چڪو آهي زمينن جي واپسيءَ لاءِ به ڪئنالن جهڙي تحريڪ هلائي ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 22مئي تي جسقپ پاران بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ ۽ بابا سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي حيدر چوڪ تي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، هن چيو ته تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينون وڪڻڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، ان موقعي تي ڪامريڊ جبار ڀٽي، شبير ڪولاچي، مل ياسين سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا.