اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ليگ هون رهيل 8 ميچون 17 مئي کان 25 مئي تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون.
محسن نقوي ايڪس تي جاريڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ”پي ايس ايل ٻيهر اتان شروع ٿي رهي آهي، جتان روڪي وئي هئي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي جذبي جو جشن ملهائڻ لاءِ تيار آهيون.“
پي سي بي چيئرمين سمورين ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ شوقينن هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ معيار جا مقابلا ڏسي سگهندا.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ باقي رهيل ميچن لاءِ پرڏيهي رانديگرن کي وڏي انگ ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ليگ جو معيار برقرار رهي.
واضح رهي ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب پي ايس ايل عارضي طور ملتوي ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻي ليگ جي ٻيهر بحالي سان مداحن ۾ نئين اميد جاڳي آهي.
You might also like