ٽرمپ قطر جي شاهي خاندان وٽان 40 ڪروڙ ڊالر جو لگزري جهاز تحفي طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قطر جي شاهي خاندان وٽان 40 ڪروڙ ڊالر ماليت وارو لگزري جهاز تحفي طور قبولڪرڻ لاءِ راضِي ٿي ويا آهن، جيڪو هو ايئر فورس ون طور استعمال ڪندا، غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي صدر قطر کان هيءَ لگژري جهاز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، جنهن جي ماليت 400 ملين ڊالر (40 ڪروڙ ڊالر) ٻڌائي پئي وڃي. ان تحفي جو اعلان ايندڙ هفتي ٽرمپ جي قطر جي دوري دوران ڪيو ويندو، وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيئرولين ليويٽ چيو آهي ته پرڏيهين حڪومتن جا تحفا هميشه قانوني ضابطن جي مطابق قبول ڪيا ويندا آهن،ميڊيا رپورٽن موجب صدر ٽرمپ جي انتظاميا ممڪن آهي ته قطر جي شاهي خاندان وٽان هيءَ لگزري جهاز قبول ڪري، جيڪو ڪنهن به پرڏيهي حڪومت طرفان ڏنل سڀ کان قيمتي تحفو ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.