” هاڻي توهان جي ضرورت ناهي “پي سي بي وقار، ملڪ، ثقلين، مصباح ۽ سرفراز کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ڪرڪٽ ٽيم جي مينٽورز کي سندن عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي هڪ اهم اجلاس دوران مينٽورز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ته بورڊ کي سندن خدمتن جي هاڻ ضرورت ناهي رهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن مينٽورز کي هٽايو ويو آهي، انهن ۾ ناليوارا اڳوڻا ڪرڪيٽر وقار يونس، شعيب ملڪ، ثقلين مشتاق، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد جا نالا شامل آهن.
ٻئي پاسي ذريعن موجب، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ۾ ٻين اهم ذميوارين لاءِ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ سندن نون عهدن بابت جلد اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته مينٽورز جو نظام رانديگرن جي رهنمائي ۽ تجربي جي منتقلي لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو، پر بورڊ جي تازي پاليسي تحت ان ۾ ڦيرڦار جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.