پي سي بي جو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) معطل ٿيل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معطل ٿيل ڊوميسٽڪ ايونٽس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ٽو جا ميچ اربع ڏينهن کان کيڏيا ويندا.

پي سي بي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ريجنل انٽرا ڊسٽرڪٽ چيلينج ڪپ، انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ اڄ کان شروع ٿيندا، ٽورنامينٽ جا ڪوارٽر فائنل 19 کان 21 مئي جي وچ ۾ کيڏيا ويندا.

پي سي بي موجب پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ٽو جا سيمي فائنل 24 مئي کان 26 مئي ۽ فائنل 28 کان 31 مئي جي وچ ۾ کيڏيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.