اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي سڌي ريت شيون پهچائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي، هدايت ڪئي آهي ته جيڪي اسڪول ۽ ڪاليج ان جي ڀڃڪڙي ڪن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ آگاهي لاءِ ڄاڻ تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس انعام امين منهاس پڇيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته منشيات اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪيئن داخل ٿين ٿيون؟ ڪوريئر ۽ ڊليوري وارن جي ذريعي منشيات اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پهچن ٿيون.
فاضل جج چيو ته چيڪ ڪري ٻڌايو ته ڪهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڇا ڇا پهچي ٿو، ٻار پيزا وغيره گهرائن ٿا ته ان سان گڏ منشيات به گهرائن ٿا، جيترا به ڊليوري وارا سڌي ريت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شيون پهچائين ٿا، انهن تي پابندي لڳائڻي آهي، ان تي عملدرآمد ڪري ايندڙ تاريخ تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
جسٽس انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته چيڪ ڪيو ته ڪهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گهڻي مقدار ۾ سڌي ريت ڊليوريون ٿين ٿيون، شاگردن کي سڌي ريت شيون پهچائڻ کان روڪيو وڃي، جيڪو اسڪول يا ڪاليج ان تي عمل نه ڪري، ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي سڌي ريت شيون پهچائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت نئشنل اينٽي نارڪوٽڪس ڪائونسل جي جڙڻ بابت رپورٽ ڪابينا سيڪريٽري کان طلب ڪري ورتي.