مشهوري آمريڪي دفاعي رسالي The National Interest پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 7 مئي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي فوجن جي هوائي جهڙپون پاڪستان جي واضح ڪاميابي تي پڄاڻي تي پهتيون.
رپورٽ موجب ڪيترن ئي دفاعي ماهرن جو خيال هو ته عددي طاقت ۽ وسيلن جي لحاظ کان ڀارت جو پلڙو ڳرو هوندو، پر 7 مئي واري هوائي جهيڙي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي سڀني کي واضح طور تي نظر آئي.
رسالي موجب جهيڙي کانپوءِ پاڪستان طرفان وڏين ڪاميابين جا اعلان ڪيا ويا، جن جي ڀارتي فوجن طرفان ڪا ترديد نه ڪئي وئي ۽ ترديد نه ڪرڻ سبب ڀارت جي پوزيشن شڪي بڻجي ٿي۔
The National Interest جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان چين جي J-10C جهازن ۽ PL-15 ميزائلن جي مدد سان 5 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ 3 رافيل جهاز به شامل هئا، جيڪي فرانسيسي ساخت جا انتهائي مهانگا ۽ طاقتور جهاز سمجهيا وڃن ٿا۔
رپورٽ موجب پاڪ ڀارت هوائي جهيڙو اولهه لاءِ هڪ پيغام آهي ته چيني ٽيڪنالاجي کي گهٽ نه سمجهو وڃي.