اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستاني فوج سان يڪجهتي واريو قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاڪستاني فوج سان يڪجهتي لاءِ قرارداد پيش ڪئي.
هن چيو ته سڀني سياسي پارٽين گڏجي پاڪستان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان سڀني پارٽين جي صلاآح سان هي قرارداد تيار ڪئي آهي.
قرارداد جي متن موجب قوم پنهنجي سڀني اختلافن کي ڇڏي، قيادت پٺيان هڪ آواز ٿي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. ايوان پاڪستان جي فوجن کي سندن پيشوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته فوجن ڀارت جي بنا جواز جارحيت خلاف انتهائي ذميواريءَ سان مناسب ردعمل ذريعي بچاءُ ڪيو. هي ايوان ڌرتي ماءُ لاءِ جان جو نظرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هي ايون شهيدن جي قربانين کي قومي فخر، اتحاد ۽ حوصلي جي علامت قرار ڏئي ٿو.
قرارداد جي متن موجب ايوان انهن دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا جن پاڪستان جي حمايت ڪئي.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن رڳو سنجيدا ۽ منظم ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. حڪومت ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادريءَ کي سرگرم ڪري. هي ايوان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. هي ايوان پاڪستان جي پاڻيءَ جي حقن جي تحفظ کي قومي سلامتيءَ جو اهم جزو قرار ڏئي ٿو.
قومي اسيمبليءَ اها قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي.