ٺٽي جي تاريخي شاهجهان مسجد جو پيش امام لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو جي تاريخي شاهه جهان مسجد جو پيش امام مولانا عبدالباسط صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.

مفتي مولانا شاڪر پنهنجي پيءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس مرحوم پيءُ مولانا عبدالباسط صديقي شاهه جهان مسجد جا نئون شاهاڻو خطيب هئو.

مرحوم مولانا عبدالباسط صديقي جي نماز جنازي اڄ ظهر جي نماز کانپوءِ شاهه جهان مسجد ۾ ادا ڪئي ڪئي وئي.

مولانا عبدالباسط صديقي کي گذريل رات دل جو دورو پيو، جنھن کان پوءِ کيس سول اسپتال مڪلي آندو ويو، پر سندس حياتي بچي نه سگهي ۽ هو حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.