ڪراچيءَ ۾ پيش آيل 12 مئي واري واقعي کي 18 سال گذري ويا، پر جوابدار اڄ تائين گرفتار نه ٿي سگهيا.
12 مئي واري واقعي جي حوالي سان داخل ڪيل ست ڪيسن مان رڳو هڪ ڪيس جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ڇهه ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.
12 مئي 2007 تي ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيل 50 کان وڌيڪ شهرين جا وارث اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن.
ياد رهي ته 12 مئي 2007 تي فائرنگ جا واقعا ان وقت پيش آيا جڏهن اُن وقت جو چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي پهتو هو.