وفاقي حڪومت تي ڪيترا هزار ارب قرض آهي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) وفاقي حڪومت جي قرضن جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ايس بي پي جي پڌرائي موجب وفاقي حڪومت مارچ 2025 ۾ 652 ارب رپين جو قرض ورتو آهي.

پڌرائي موجب حڪومت مارچ ۾ 496 ارب مقامي ۽ 156 ارب رپين جو ٻاهريون قرض ورتو آهي. مارچ 2025 تائين حڪومت جو گڏيل قرض 73 هزار 688 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جو مقامي قرض 51 هزار 518 ارب رپيا ۽ ٻاهريون قرض 22 هزار 170 ارب رپيا ٿي چڪو آهي.

ايس بي پي جي پڌرائي موجب حڪومت جو قرض سال بہ سال 12 اعشاريه 7 سيڪڙو وڌي چڪو آهي ۽ 8 هزار 314 ارب رپيا وڌيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.