آمريڪا، پاڪ-ڀارت ايٽمي جنگ روڪرائي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ايٽمي جنگ ٿي سگهي پي، جيڪا آمريڪا روڪرائي ڇڏي، پاڪستان ۽ ڀارت کي واپار بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته ٻئي ملڪ جنگبندي تي راضي ٿي ويا، ان کان اڳ ٻئي ملڪ نه ته جنگبندي لاءِ تيار هئا ۽ نه ئي پوئتي هٽڻ لاءِ.

آمريڪي صدر ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي چيو ته واپار کي اهڙيءَ ريت ڪڏهن به استعمال نه ڪيو ويو، جيئن مون ڪيو، مون چيو ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ جنگ روڪين ته واپار وڌائي سگهجن ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا اڳواڻ ثابت قدم آهن، جنگبندي ۾ آمريڪا وڏي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ڀارت جي واپار ۾ مدد لاءِ به تيار آهيون.

صدر ٽرمپ چيو ته اسان ايٽمي تڪرار روڪيو، جيڪو تمام خراب ايٽمي جنگ ٿي سگهي پو، جنهن ۾ لکين ماڻهن جون حياتيون وڃائي سگهن ٿيون، مون کي فخر آهي ته اسان اهو تڪرار روڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.