پي اي سي سنڌ جو اجلاس: صحت کاتو 6 ارب رپين جي آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سنڌ جي اجلاس ۾ صوبي جو صحت کاتو 6 ارب رپين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيو.

ڪراچي ۾ چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ پي اي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرز قاسم سومرو، طحا احمد، ريحان راجپوٽ ۽ سيڪريٽر صحت شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ صحت کاتي سنڌ جي سال 2018 ۽ 2019 جي آڊٽ پيراز جو جائزو وٺڻ ۽ کاتي ۾ اربين رپين جي دوا خريداري جو آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

پي اي سي سنڌ آڊٽ لاءِ آڊيٽر جنرل پاڪستان کي ٽيڪنيڪل اسٽاف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

چيئرمين نثار کهڙو دوران اجلاس ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي ۾ دوا خريداري جو ڪهڙو ميڪينزم آهي؟

ان تي سيڪريٽر صحت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته دوا خريداري لاءِ پروڪيورمينٽ ڪميٽي کان ٽينڊر ڪيو ويندو آهي.

ڪميٽي جي ميمبر قاسم سومرو چيو ته صحت کاتي سنڌ جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ دوائن خلاف ڪيتريون ڪارروائيون ڪيون آهن؟

چيف ڊرگ انسپيڪٽر پي اي سي سنڌ کي ٻڌايو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۾ 25 ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون.

پي اي سي جعلي، اڻ رجسٽرڊ دوائون رکڻ تي ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ۽ لائسنس رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته صوبي ۾ جعلي، اڻ رجسٽرڊ دوائن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.

پي اي سي سنڌ صحت کاتي جي ڊرگ انسپيڪٽرن جي ڪارڪردگي جي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ 6 ارب رپين سان لاڳاپيل آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

نثار کهڙو چيو ته اجلاس ۾ صحت کاتو 6 ارب رپين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيو، هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ مهيني ۾ صحت کاتو آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.