ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا)عوامي پورھيت تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي نيلامي ، سنڌو درياھ مان ڪئنالڪڍڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر وڪيل غلام نبي کوسو ، عطا چانھيو، مقدس چانڊيو ، وڪيل رحيم بخش ٻگھيو ، وڪيل پنھل کوسو ، وڪيل اعظم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مردن ۽ عورتن پاران ميھڙ جي اٽڪ پمپ ٻيٽو باء پاس کان گھنٽا گھر چوڪ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو،مارچ ۾ شامل سياسي سماجي اڳواڻن مردن ، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف زوردار نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪومت جي سھولتڪاري سان سنڌو درياھ جو پاڻي چورايو پيو وڃي پ پ پ حڪومت سنڌ جا ٻيٽ کپايا، ڪارونجھر کپايو ، ھاڻي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ چاھين پيا وفاق سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رھيو آھي سنڌ جا ماڻھو پنھنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻين ٿا،احتجاجي مارچ کي وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل عابد ڪلھوڙو ، عابد ٻٻر ، غلام رسول لغاري ،وڪيل سليم کوسو ، فقير محمد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو