سنڌ جو صوفي شاعر فقير قادر بخش بيدل

تحرير: عبدالجواد عباسي

سنڌ هميشه کان امن واري ڌرتي رھي آھي ھن ڌرتي تي ڪيترائي صوفي بزرگ اولياءِ، شاعر، اديب ۽ محقق پيدا ٿيا آھن سنڌ جو تاريخي شھر روھڙي به اوليائن، بزرگن، ۽ درويشن جي ڪري روحاني حيثيت رکي ٿو، ھتي نبيﷺ جن جو وار مبارڪ به آھي ۽ سوا لک درويشن،صوفين، فقيرن ۽ عاشقن جون مزارون آھن انھن صوفين درويشن اوليائن ۽ شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل جي ولادت به روھڙي شريف ۾ ٿي. فقير قادر بخش بيدل جو اصل نالو عبدالقادر ھو پر پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني جي احترام سبب قادر بخش سڏائڻ لڳو بيدل سائين جي والد جو نالو ميان محمد محسن ھو، اول به ھڪ درويش صفت انسان ھو جيڪو قادري طريقي ۾ جھوڪ شريف جي بزرگن جو دست بعيت ھو بيدل فقير جو شجره نسب حضرت غوث بھاؤ الدين ذڪريه سان وڃي ملي ٿو.سڀ کان پھريان سندن ڏاڏو حضرت عبدالقادر قريشي ملتان مان ھميشه لاءِ لڏي اچي روھڙي ۾ سڪونت پذير ٿيا. دراصل اھا لڏ پلاڻ روھڙي جي ھڪ ٻئي بزرگ صوفي جان الله شاھ جيڪو عنايت شھيد جو خليفو ھو، اول متقي انسان ھو جنھن لاءِ اھو مشهور آھي ته ھو قرآن شريف ھٿ سان لکي گذر سفر ڪندو ھو.

 بيدل فقير 1230ھ مطابق 1418ھ ۾ پيدا ٿيو ۽ ڄمندي ئي ڄام ھو مائٽن کيس مڪتب ۾ ويھاريو پر پاڻ الف کان اڳي نا بري ويٺو جيتوڻيڪ بيدل فقير ظاھري طور تعليم حاصل نه ڪئي پر باطني ۾ وڏو عالم، علم حديث قرآن شريف ۽ شريعت جو ڄاڻو ھو، جنھن جو ثبوت سندس شاعري ۾ عام جام ملي ٿو.بيدل بنيادي طور عشق ۽ محبت جو شاعر آھي، بيدل فقير کي اولاد ۾ صرف ھڪ پٽ ھو، جيڪو وقت جو وڏو شاعر ٿي گذريو آھي، جنھن جو نالو محمد محسن بيڪس آھي.

 بيدل سائين کي درويشي جي ڏات حضرت لعل شھباز قلندر کان ملي، پير صبغت الله شاھ پير پاڳارو اول ۽ مخدوم محمد اسماعيل کان به حاصل ڪيائين بيدل سائين جي والد صاحب فقير محمد محسن تي سندس مرشد جو ٻين کان وڌيڪ ٻاجھه جو ھٿ ھيو. ھڪ ڀيرو مرشد جي حضور ۾ عرض ڪيائين قبلا اولاد نرينه جو سڪايل آھيان، مرشد جي زبان مان نڪتو ته انشاءَ الله تو کي اھڙو پٽ ڄمندو جو شريعت، طريقت، معرفت جو حقيقت جو صاحب ھوندو پر ھڪ پير کان معذور ھوندو، مرشد سائين ۽ فقير محمد محسن جي گھر ۾ ھڪ پٽ ڄائو پر پير مڙيل ھيس،پٽ جي اولاد وقت فقير محمد محسن مير جان الله شاھ صاحب جن جي ڪچھري ۾ ويٺا ھئا ته دائي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته چيو ته ڇوڪر گھڻو ئي سٻرو اھي، پر ھڪ پير کان منڊو آھي، جنھن تي مير صاحب فرمايو ته ابا منڊو نه چئو، اھو روھڙي شھر جو جھنڊو آھي ۽ بروقت سندس نالو عبدالقادر رکيو ويو، پر پيران پير جي ادب وچان کيس قادر بخش سڏيو، فقير بيدل پاڻ کي پڇاڙي تائين ٻنھي نالن سان سڏائيندو ھو، بيدل سائين درويش جي گھر ۾ درويشن جي دعا سان ڄائو، تنھن ڪري الله وارن جي نظر جو اثر مٿس رھيو، تنھن ڪري منڍ کان ئي رنگ ۾ رتل رھيو، سندس ننڍي ھوندي جي ھلت چلت عام ٻارن پر وڏي عمر وارن ماڻھن کان ئي اچرج ۾ وجھندڙ ھئي، ائين ئي ڀانيو ھو ته ھي ڪامل درويش ۽ خدا وارو انسان ٿيندو.

 قاضي غلام مھدي والد پير محمد چوندو ھيو ته بيدل فقير تمام هوشيار ۽ سندس حافظو تمام تيز ھوندو ھيو. ھڪ دفعي عربي جا ڪتاب ھيٺ مٿي ٿي ويسي سو فقير بيدل حافظي مان سڄو ڪتاب لکيو، مولوي عبدالرحمن سکر واري ان وقت عالمن مان ھو.

قدرت واري فقير کي صاف دل ڏني ھئي سالن جي محبت منجھس عشق جا مچ مچائي ڇڏيا ھئا، محترم جھامنداس ڀاٽيه سوانج عمري بيدل ۾ لکيو آھي ته فقير بيدل سيوھڻ ۾ روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيا، سندس پھريون شعر مسند جي صورت ۾ قلندر شھباز جي تعريف ۾ آھي. فقير بيدل سائين ارشاد موجب پير ڳوٺ اچي مسجد ۾ مسافر ٿيو پر لعل ڪو لڪڻ جو آھي جلد ئي پير صبغت الله شاھ اول تجر ڌڻي کي سندس فصل و ڪمال جي خبر پھتي جنھن کيس پنھنجي صاحبزادي کي مولانا رومي مثنوي پڙھائڻ لاءِ چيو جيسين اتي ھو تيسائين تدرسي جو ڪم ڪري ڪندو رھيو ڪجهه وقت کانپوءِ درگاھ تي وڃي انھي ٿوري وقت جي تعليم صاحبزادي تي ايترو اثر ڪيو جو وڏي ھوندي وڏي پائي جو صوفي شاعر ٿي پيو، سندس تخلص اصغر آھي، فقير صاحب پير ڳوٺ مان موڪلائي روحاني منزلون طئي ڪندو اچي پريالوءِ پھتو ۽ درگاھ تي پھتو، جتي کيس حڪم ٿيو ته روزا ۽ نماز نه ڇڏ ۽ روھڙي وڃي جتي اچي مڃار ڪو دڪان کولي ويٺو ۽ نماز ۽ روزا لاءِ ماڻھن کي تلقين ڪندو ھيو پنھنجي سر به اھڙو متقي ۽ پرھيز گار ھو جو گھر کان مسجد تائين ۽ مسجد کان گھر تائين به گهنڊ ڪري ايندو ھو.

فقير بيدل سائين ٻه شاديون ڪيون، پھرين شادي مان فقط ھڪ نياڻي ۽ ٻي شادي مان پٽ ڄائو، محترم جھامنداس ڀاٽيه پنھنجي قلمي ڪتاب سوانح عمري بيدل ۾ لکيو آھي ته فقير بيدل سائين کي ٽي پٽ ھئا، ھڪ فريد بخش ٻيون محمد محسن ٽيون امام بخش ھو. امام بخش چئن پنجن سالن کانپوءِ گذاري ويو ۽ فقير محمد محسن بيڪس فقير بيدل سائين جي چئن سالن کانپوءِ جامو مٽايو، فقير غلام محمد جي وفات کانپوءِ وقت گذارندو رھيو، تان جو وقت آيو جڏھن سندس آخري منظور نظر قاضي پير محمد جو سندس روح جي راحت جي جو جيايو ۽ ھميشه لاءِ الوداع چئي ھي جھان ڇڏي ويو. قاضي پير محمد جي وفات کانپوءِ بيدل سائين بيمار گذارڻ لڳو. ھڪ دفعي عبدالله آخوند کائنس پڇيو ته سائين دنيا فاني آھي قضا ٿي ته اوھان کي ڪٿي رکون، فرمائون ته ابا جيسين بندي کي ساھ آھي تيسين قاضي صاحب جي دروازي تان ڪيئن ويندو ۽ سندس ڪکن ۾ دم ڏيندو پوءِ اوھان جو اختيار آھي. اھڙي طرح ھن پنھنجو آستانو 16 ذوالقعد 1289ھ ھن فاني دنيا مان کڻي دارالبقا ۾ ٺاھيو بروقت تي عبدالله آخوند کي اطلاع مليو ته جنھن غسل ۽ ڪفن جي تياري ڪئي سندس جنازي ۾ مسلمان توڙي هندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سندس خاڪي جسم کي روھڙي ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾ جيڪو اڄ ڪلهه خانگاھ جي نالي سان مشهور آھي،  سپرد خاڪ ڪيو ويو، جتي ھر جمعي تي ۽ چند جي ايڪويھين رات صوفي سماع ٿيندو آھي ۽ ھر سال جي 14-15 ۽ 16 ذوالقعد تي ميلو لڳندو آھي، جتي سنڌ جي ڪندڪڙچ مان ھزارين عقيدتمند ايندا آھن ۽ فقير بيدل کي خراج تحسين پيش ڪندا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.