پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۽ عالمي سفارتڪاري جو ڪردار

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

پاڪ – ڀارت مئي 2025 واري جنگ ۽ سيز فائر ٿيڻ کان پوءِ واري صورتحال جيڪا عالمي طاقتور ملڪ طور سڃاڻپ رکندڙ آمريڪا جي مداخلت سبب پڻ جنگ بندي ته ٿي آھي پر ان جنگ بندي کان پهريان مجموعي طور عالمي جنگي صورتحال جيڪا فلسطين تي اسرائيل جي بمباري، يوڪرين تي روس جي بمباري، يمن کان ڀارت ۽ چين جون هڪ ٻئي سان ايل او سي تي تڪرار کان ويندي يورپ ۽ عرب دنيا جا هڪ ٻئي سا جهيڙا ڄڻ ته نئي هڪ ٽئين عالمي جنگ لڳايون ويٺا آھن.انهيءَ ايتري خطرناڪ صورتحال ۾ پاڪ ڀارت جنگي ڇڪتاڻ ۾ سامهون ٿي امريڪا جو اچڻ پنهنجي جاءِ تي سٺو ۽ ساراھ جوڳو عمل آھي.جنهن ڪري جنگي صورتحال جيڪا  وڌندي وڃي پئي ۽ انسانيت سان گڏوگڏ علائقائي امن لاءِ ته ڇا پر عالمي امن جي لاءِ ڪيترائي سوال پيدا ڪري سگهي پئي.

سعودي عرب،آمريڪا ۽ چين سميت پاڙيسري ۽ عالمي سطح جي سفارتي دٻاءُ ۽ مداخلت جنگ بندي تي ٻنهي ملڪن کي راضي ڪري ورتو.جنهن جي ابتدا ته خود ڀارت بنا ڪنهن جواز ۽ مداخلت جي پهلگام واقعي کي جواز ڄاڻائي ارھ زورائي ڪئي ۽ وقت به وقت پاڪستان تي مختلف علائقن خاص طور سنڌ پنجاب صوبن سميت اسلام آباد کي نشاني تي رکيو ويٺو هو.صبر صبر آخرڪار ڪيترو صبر. جنگ ته آخر جنگ هوندي آھي، تنگ آيد بجنگ آيد واري محاوري وانگر پاڪستان به ڄڻ ته ڳچيءَ ۾پوندڙ ارھ زورائي کي جڏهن ڇنڇر واري ڏينهن 10 مئي 2025 تي جوابي ڪارروائي ڪئي ته خود ڀارت حڪومت جي نمائندن کي خبر پئي ته جنگ ڇا ٿيندي آھي.ان وڌندڙ جنگي صورتحال کي فوري طور خطرو محسوس ڪندي آمريڪي صدر ۽ سندس نمائندن پڻ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي پاڪ ڀارت جنگ جو سيز فائر پڻ ڪرايو جيڪو هڪ سٺو عمل نظر اچي ٿو.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار جي تاريخ لڳ ڀڳ ست ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، جن ۾ ڪيتريون ئي جنگيون، فوجي جهيڙا ۽ سفارتي ڇڪتاڻ ٿي چڪي آهي.2025 ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيز فائر جي گهرج وڌي وئي آهي. سوال هيءُ آهي ته ڇا هاڻي سيز فائر ٿيڻ کپي؟   انساني جاني نقصان روڪڻ لاءِ جنگ هميشه بيگناهه ماڻهن جي حياتين کي خطري ۾ وجهي ٿي. سرحدي علائقن ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ جنگ جو مطلب خوف، بي گهر هجڻ ۽ موت آهي.سيز فائر سان انساني جاني نقصان روڪي سگهجي ٿو.

پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ترقي ڪندڙ ملڪ آهن. جنگي تيارين، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ سرحدي تڪرار سبب ٻئي ملڪ پنهنجا قيمتي وسيلا دفاع تي خرچ ڪن ٿا. سيز فائر سان امن قائم ٿي، معاشي وسيلن کي تعليم، صحت ۽ ترقي تي لڳائي سگهجي ٿو.ڏکڻ ايشيا ۾ امن نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ، پر سڄي علائقي لاءِ ضروري آهي. چين، ايران، افغانستان، بنگلاديش ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن تي به جنگي ڇڪتاڻ جا منفي اثر پون ٿا.آمريڪا، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل قومون ٻنهي ملڪن تي زور ڀري رهيا آهن ته هو سفارتي رستو اختيار ڪن. عالمي برادري هاڻي جنگ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سيز فائر سان پاڪستان ۽ ڀارت جي ساک بهتر ٿي سگهي ٿي. امن جي ڳالهين لاءِ  ٻئي کي موقعو ڏيڻ کپي.سيز فائر صرف عارضي نه پر ڳالهين لاءِ رستو صاف ڪرڻ جو پهريون قدم آهي. امن ڳالهين سان گڏ مسئلن، خاص طور تي ڪشمير جهڙن تڪرارن جو پائدار حل ممڪن ٿي سگهي ٿو.

سيز فائر نه صرف انساني، معاشي ۽ علائقائي ضرورت آهي، پر بين الاقوامي امن لاءِ به ضروري آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي هاڻي سنجيدگي سان سوچڻ کپي ته جنگ جو رستو ڇڏي، امن ۽ ترقي جي راهه اختيار ڪن.

 پاڪ – ڀارت ميڊيا جي رپورٽنگ ۽ ريٽنگ کي اسين تجزياتي رپورٽن ۾ شمار نه به ڪيون پر عالمي ميڊيا خاص طور عرب ۽ يورپ جي ميڊيا جي رپورٽن کي سامهون رکي ڳالهھ ڪئي وڃي ته پاڪستان آرمي جي جرئتمند جوابي ڪارروائي کان پوءِ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي سفارتي دنيا ۾ جنگي بنيادن تي وڏي اخلاقي ۽ جنگي ڄڻ ته فتح حاصل ڪئي آھي.پاڪستان شملا معاهدي تي برقرار آھي ۽ ڀارت کي به شملا معاهدي تي برقرار رهندي ڳالهين جي ميز تي اچڻ کپي.ايئن ئي پاڪستاني حڪومت کي به ڳالهين کي سامهون رکي عالمي سفارتي ٽياڪڙي يا وري علائقائي سهڪار سان ڀارت کي ڳالهين ۾ انگيج ڪري سنڌ طاس معاهدي کان ويندي ايل سي تي ٿيندڙ ڀڃڪڙين واري معاملن تي نظر ثاني پڻ ڪرائي.

باقي جنگ ڪو سٺو عمل ڪونه آھن.هن جديد دنيا جي ٽيڪنالوجي جيڪا انساني ڀلائي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي اها ئي ٽيڪنالوجي ۽ سيٽ لائيٽ جي سهولت وڏي تباهي جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.