ڪراچي (م ڊ) آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستاني فوج 25 هارپ قسم جا ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيا. هي ڊرون اسرائيل جي ايرو اسپيس انڊسٽريز تيار ڪيا آهن. هي ڊرون ۽ ميزائل ٻئي خاصيتون رکن ٿا ۽ هدف تي آپگهاتي انداز ۾ ڪيرائي سگهجن ٿا. هارپ جو سراسري اگهه 7 لک آمريڪي ڊالر آهي. 25 ڊرون تباهه ٿيڻ جو ڪاٿو هڪ ڪروڙ 75 لک آمريڪي ڊالر جيڪي پاڪستاني 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٿين ٿا. ڀارت کي نه رڳو مالي نقصان پر ان جي جارحاڻي حڪمت عملي جي ناڪامي به ثابت ٿئي ٿي. ڊرون موڪلي ڀارت جو اهو مقصد ٿي سگهي ٿو ته گهٽ لاڳت جا ڊرون موڪلي پاڪستان کي قيمتي ۽ محدود انگ ۾ موجود ايئر ڊفينس ميزائل استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي جيئن بعد ۾ ڪنهن وڏي حملي لاءِ دڳ کولي سگهجي. پر پاڪستاني دفاعي فوج سندس سڀ ارادا ناڪام بڻائيندا هارڊ ڪل ۽ سافٽ ڪل ذريعي ڊرون تباهه ڪيا.