جمون (بي بي سي) ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي شهر جمون ۾ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، جتي هڪ اکين ڏٺي شاهد بي بي سي کي ٻڌايو ته شهر ۾ بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي ۽ سائرن جا تيز آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن.انڊين فوجي ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته جمون ۾ دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو آهي، ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ سائرن جا آواز مسلسل ٻڌا پيا وڃن.ڪشمير جي شهر پونڇ ۾ سرحدي تڪرار کان پوءِ سناٽي جو راڄ آهي. اربع جي ڏينهن هتي جا رهواسي عارضي طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو آبادي شهر ڇڏي چڪي آهي.