سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، مواصلاتي نظام ڊانوانڊول

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تيز هوا سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سان موسم خوشگوار  جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. دادو، ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، ٻانڌي، پيرو لاشاري، بدين، جوهي، سيوهڻ، ميرو خان، نصيرآباد، مورو، ڀريا سٽي، ڪي اين شاهه، تلهار، غلام شاهه موري، وارث ڏنو ماڇي، ٽنڊو باگو، ڏيئي، گاجي کهاوڙ، پکو، سجاول، ٽنڊو غلام حيدر، ڇاڇرو، ڪنڊيارو، رتوديرو، نئون ڪوٽ، نبي سر روڊ، جهڏو، ملڪاڻي شريف، ٽالهي پيرو لاشاري، گڊو، قادرپور، سيتا روڊ، دريا خان مري، پيرونمل، منهڙو، باهو کوسو، پڊ عيدن ۽ لعلو رائنڪ سميت ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات وسڻ سبب مواصلاتي نظام متاثر ٿيو. ڪندڪوٽ ۽ موري ۽ ٻين شهرن ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. گجگوڙ سان برسات سبب ڪجهه هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو جڏهن ته بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.