ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ايئرپورٽ کي فلائيٽ آپريشن لاءِ رات 12 هين وڳي تائين بند ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽم موجب، ڪراچي جي فلائيٽ آپريشن جي بندش جو وقت رات 12 هين وڳي تائين وڌايو ويو آهي، ايئرپورٽ اختيارين موجب، آپريشنل سببن جي بنياد تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف صبح 11 هين وڳي بند ڪيو ويو هو، قطر، جزيره ايئر، عربيه ۽ فلاءِ دبئي جي اُڏام 10 ڪلاڪن کان روانگي جي اوسيئڙي ۾ رهيون، ايئرپورٽ جي بندش سبب ڪراچي جون 43 جڏهن ته 65 پرڏيهي اُڏامون غيريقيني صورتحال جو شڪار رهيون، جڏهن ته اسلام آباد، لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ به هوائي حدون شام 6 وڳي تائين بند رهيون، قومي ايئر لائين جي ترجمان مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو هوائي اڏي تي اچڻ کان اڳ ڪال سينٽر سان رابطو ڪن، پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر ٿي رهيو آهي، ڪجهه روٽس کي احتياطي طور تي محدود ڪيو ويو آهي جنهن سبب ان شعبي جون اُڏامون متاثر ٿين ٿيون.