اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي ڊرون حملي کان پوءِ ڀارت تي پاڪستان جي جوابي ڪارروائي هاڻي يقيني ٿي چڪي آهي، هڪ برطانوي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي آهي ۽ پاڪستان-ڀارت تڪرار بند گهٽي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ڊرونز سان پاڪستاني فوجي تنصيبات کي ڪو به نقصان نه پهتو، پر پاڪستان جو ردعمل هاڻ لازمي ٿيندو، هن ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ڊرونز سان لاهور جي دفاعي نظام کي ڪو به نقصان نه پهتو، پاڪستان جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائيندو، آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ بين الاقوامي ڪوششن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.