مقابلو ڄاڻائي ماريل فياض عرف اڪبر ناريجي قتل خلاف ڌرڻو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) 2 ڏينهن اڳ اسٽيل ٽائون پوليس پاران فلٽر پلانٽ ويجهو مبينا مقابلي ۾ ماريل گهگهر واسي نوجوان  فياض عرف اڪبر ناريجو جي وارثن پاران گهگهر جي مين نيشنل هاءِ وي تي انصاف لاءِ ڌرڻو، ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ سيد نواز شاهه ڀاڏائي، ڊاڪٽر انعام سيال سميت وارثن ۽ علائقي واسين جي شرڪت، ان موقعي تي  مقتول جي امڙ حول خاتون ڳالهائيندي چيو ته 4 مئي تي اسٽيل ٽائون پوليس منهنجي پٽ جي دڪان تي چڙهائي ڪري ماڻهن جي روبرو کنڀي کڻي وئي جنهن جي ٻن ڏينهن بعد کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو، هن چيو ته منهنجي پٽ مٿان سنڌ جي ڪنهن به ٿاڻي تي ڪا ايف آءِ آر ته پري جي ڳالهه پر هڪ اين سي به داخل نه آهي، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي قانون کان مٿانهون قتل ڪري پورهيو ڪري گهر جو چرخو هلائيندڙ پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هن دانهيندي چيو ته پوليس اسان کي هڪ ڏينهن بعد لاش ڏنو آهي اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته بيگناهه قتل به ڪيو ۽ وارثن کي لاش به نه ڏنو وڃي، هن دانهيندي چيو ته  منهنجي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهبازشريف، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ٻين وس وارا نوٽيس وٺن.

ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ پورهيت پوليس قتل ڪري ڇڏيو:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تـ سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي  آھي گھگھر ڦاٽڪ واسي پورھيت جو ڏوھ اھو ھو تـ ھو ڪئنالن خلاف اتي ھنيل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو جنھن جي ڏوھ ۾ بدنام زمانـ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي کيس گرفتار ڪري گم ڪيو ان بعد جڙتو پوليس مقابلي ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو ھي ماوراء عدالت قتل آھي ھي دھشتگردي آھي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا سنڌ جي ماڻھن کي سياسي مزاحمت ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي اڄ جڏھن سنڌ سراپا آواز بڻي آھي تڏھن پوليس گردي جي ذريعي ماڻھن کي جھڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھي پيپلزپارٽي حڪومت جي خاص ھدايتن تي سنڌ ۾ ٻاڪر ڪٽو مچايو ويو آھي ان ايس ايڇ او علڻ عباسي ڪجھ وقت پھريان گھگھر ڦاٽڪ تي ڪئنال رٿا جي خلاف وڪيلن ڌرڻو ھنيو ان کان پوء رياستي حڪم تي پوليس بي قابو ٿي سنڌي ماڻھن کي مارڻ شروع ڪيو آھي  مذڪورا ايس ايڇ او موبائيل ساڙڻ جي ھٿ ٺوڪي واقعي ۾ درجن کن ماڻھن کي ھاف فراء ڪري چڪو آھي پر سنڌ حڪومت آئي جي توڙي سنڌ ھاء ڪورٽ ان انساني حقن جي بدترين لتاڙ جو نوٽيس ناھي ورتو سنڌ جي ويري ايس ايڇ او علڻ عباسي وري ھڪ ماء جي جھولي اجاڙي ڇڏي پر عدالتون خاموش آھن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.