پاڪستان شاندار دفاعي حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت دهشتگرديءَ جي بي بنياد الزام کي بنياد بڻائي پاڪستان خلاف غيرقانوني، غير ذميواراڻي  ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي جارحيت جو مظاهرو ڪيو. ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن  چيو ته پهلگام واري واقعي تي بنا ڪنهن جاچ يا ثبوت جي ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو پاڪستان پنهنجن دفاعي حقن کي استعمال ڪندي ذميواري سان ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فضائيا جا جهاز ڪيرايا ويا ۽ ٽن پائلٽن کي ماريو ويو، هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي جوابي ڪاروائين ۾ پاڪستان دشمن جي اهم فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب 40 کان 50 ڀارتي فوجي مارجي ويا. هن چيو ته ڀارت 7 ۽ 8 مئي جي رات تڪرار وڌائيندي ٽن قسمن جي هدفن کي نشانو بڻايو. سڀ کان اول ڀارت ۾ سِک برادري ۽ انهن جي مذهبي هنڌن تي حملا ڪيا ويا ته جيئن هڪ طرف سکن کي ڊيڄاريو وڃي، ٻي طرف انهن حملن کي پاڪستان سان جوڙي نفرت پکيڙي وڃي ۽ ٽين طرف انهن حملن جي ملبي کي پاڪستاني جهازن سان جوڙي دنيا آڏو فتح جو تاثر ڏنو وڃي. ٻيو هدف پاڪستان جون دفاعي تنصيبون هيون، ته جيئن اسان جي دفاعي ۽ حملا ڪندڙ صلاحيتن کي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ ٽيون هدف پاڪستاني شهري آبادي هئي ته جيئن ماڻهن ۾ خوف ۽ مايوسي پيدا ٿئي. بهرحال، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار دفاعي حڪمت عملي تحت مؤثر جواب ڏنو ۽ اڄ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي ٺاهيل 25 هاروپ ڊرون ڪيرايا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صورتحال تي ويجهي نظر رکي ٿي ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.