اسلام آباد (بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي، هاڻي ملڪ جي مفاد ۾ سموري سياسي قيادت گڏ آهي، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان سميت سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ هن ايوان ۾ سياست نه پر پاڪستان غالب آهي، ڀارتي جارحيت ملڪ خلاف هڪ وڏو حملو هو، جنهن جو پاڪ فضائيه چند ڪلاڪن ۾ ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڀارت کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو.هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي قيادت جيڪڏهن ملڪ جي لاءِ گڏجي سگهي ٿي ته پاڪستاني سياسي قيادت ڇو نه ٿي سگهي؟ اسان کي ديوار سان لڳايو ويو، پر اڄ به اسين ايوان ۾ موجود آهيون. وزيراعظم شهباز شريف طرفان اپوزيشن سان ڳالهين جي پيشڪش جو اسين آجيان ڪريون ٿا، پر ساڳي وقت سياسي قيدين جي آزادي ۽ شفاف ٽرائل جو مطالبو به ڪريون ٿا،پي ٽي آءِ جي اڳواڻ زرتاج گل چيو ته جيڪڏهن راھول گانڌي مودي وٽ وڃي سگهي ٿو ته شهباز شريف، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان به باني پي ٽي آءِ وٽ وڃن. اسان پنهنجي دل وڏي ڪئي، اوهان به ڪيو، آل پارٽيز ڪانفرنس گهرايو، ۽ عمران خان کي به سڏايو.