صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک ڪردار شيرو مهر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک ڪردار شيرو مهر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو
شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور پوليس جي ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن دوران صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار شيرو مهر کي پوليس مقابلي دوران مارجي ويو.
ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ تصديق ڪندي ٻڌايو ته شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جو مُک ڪردار شيرو مهر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.
ذريعن موجب، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، جتي هٿياربندن سان سخت مقابلي کانپوءِ شيرو مهر مارجي ويو، جيڪو صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ مک ڪردار طور نامزد هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شيرو مهر ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل هو ۽ سندس گرفتاري لاءِ مختلف وقتن تي ڪوششون جاري رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.