ملڪ ۾ سون چوٽ چڙهي ويو، وري هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي اڄ به هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسئيشن موجب، اڄ في تولو سون 6 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 56 هزار رپين کان به وڌي پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ به 5 هزار 232 رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ 3 لک 5 هزار 3 سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي، جتي في اونس سون 61 ڊالر اضافي سان 3 هزار 377 ڊالر تي پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.