اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي خدشن جو اظهار ڪندي، پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو فوجي تڪرار کان پاسو ڪري ۽ سفارتي ذريعن ذريعي مسئلن جو حل ڳولين.
ترجمان موجب، پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خطي جي بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ڀارت ڇڪتاڻ تي غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن خطي ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو ته فوجي مداخلت بدران سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي.
ترجمان موجب، ڪيترن ئي ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي کي علائقائي عدم استحڪام جي بنيادي سبب طور پيش ڪيو ۽ زور ڏنو ته اِهو مسئلي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن پٽاندڙ حل ٿيڻ گهرجي.
پاڪستاني نمائندي اجلاس دوران 23 اپريل تي ڀارت جي هڪ طرفي ڪارروائين تي بريفنگ ڏيندي خبردار ڪيو ته ڀارتي اڳرائيءَ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.
نمائندي طرفان انٽيليجنس اطلاع آهن ته ڀارت جي امڪاني فوجي ڪارروائي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز جو به حوالو ڏنو ويو.
ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجو دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، پهلگام حملي بابت ڀارتي الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو، بي بنياد ۽ بنا جاچ جي الزام مڙهڻ ٿيڻ افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت اهڙن واقعن کي ڪشمير جي جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو.
ترجمان موجب، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ڀارت جي خطرناڪ چال آهي، دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ يا موڙڻ جنگ جي برابر آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن به ان بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٽياڪڙي جي حمايت ڪندي چيو ته عالمي برادري فوري طور تي ذميواري جو مظاهرو ڪري.