اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي پاڪستان لاءِ سزا نه پر انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي سنڌو درياهه رڳو اسان جي ڌرتيءَ تي نه پر قوم جي رڳن ۾ به ڊوڙي ٿو.
بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران ڀارتي الزامن، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ وارن عملن تي ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جا عمل قدرت جي خلاف ڏوهه آهن، درياهن کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انسانيت جي خلاف آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته سنڌو درياهه ڀارتي حڪمن جو نه پر قدرت جو پابند آهي. هيءَ وهڪرو امن جو علمبردار آهي ۽ انهن سڀني انسانن جو آهي، جيڪي ان مان فائدو وٺن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، اسان جا سپاهي ۽ اسڪولن جا ٻار شهيد ٿيا، مان دنيا کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو ڪو به هٿ ناهي.
بلاول ڀٽو چيو ته درياهه جو رخ ته موڙي سگهجي ٿو، پر اسان جي همت ۽ ارادي کي خشڪ نٿو ڪري سگهجي. سنڌو درياهه جي هر ڦڙي ۾ پاڪستاني هارين جو اتساهه، پورهيتن جو پگهر ۽ الله جو فضل شامل آهي.
هن پنهنجي خطاب دوران موهن جو دڙو، هڙپا ۽ سنڌو تهذيب جو ذڪر ڪندي چيو ته درياهه رڳو قدرتي وهڪرو نه، پر هزارين سالن جي تهذيب جو نشان آهي، جيڪا ورهائي نٿي پر انسانن کي جوڙي ٿي.
بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته خاموشي اسان جي ڪمزوري آهي. پاڪستان جون هٿياربند فوجون الرٽ، پرعزم ۽ تيار آهن. اسان جو آسمان محفوظ، سرحدون مضبوط ۽ قوم ڪراچيءَ کان خيبر ۽ لاهور کان لاڙڪاڻي تائين گڏ آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جو عوام سنڌو سڀيتا سان واسطو رکي ٿو، جتان انساني ترقيءَ جي شروعات ٿي،هن ئي تهذيب شهري رٿابندي، آبپاشي، زراعت، واپار ۽ رابطن کي جنم ڏنو.
اڳوڻي پرڏيهي وزير وڌيڪ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي وڙهڻو پوندو نه ته اسان جا ايندڙ نسل به دهشتگردي جهڙي لعنت کي ڀوڳيندا رهندا.
ڀارت پاران پاڻي روڪڻ انسانيت خلاف ڏوهه آهي، پاڪستان سنڌوءَ جو دفاع ڪندو: بلاول ڀٽو
You might also like