پنجاب پاڻي معاملي تي زيادتيون بند نه ڪيون، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان پنجاب جي طرفان غير قانوني طور تي وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي نتيجي ۾ سنڌ شديد پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ذريعن موجب، پنجاب حڪومت طرفان ارسا جي صلاحڪار ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ بنا اجازت جي ٽي پي لنڪ ۽ سي جي لنڪ ڪئنالن مان پاڻي کڻڻ ۾ نمايان واڌ آئي آهي، جيڪا بين الصوبائي پاڻي ورڇ جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب پاڻي جي معاملي تي زيادتيون جاري رکيون آهن ۽ ارسا جي ضابطن کي نظرانداز ڪندي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي زراعت ۽ واٽر سپلائي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي.
ذريعن موجب، پنجاب پاڻي معاملي تي زيادتيون بند نه ڪيون، پنجاب پاران سنڌو درياهه مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ٿي وئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.